صحت ڪارڊ کڻڻ ويندڙن سان حادثو، 2 ڄڻا فوت، 9 زخمي

ڪلوئي (غلام مصطفي نهڙيو) مٺي جا رهواسي صحت ڪارڊ کڻڻ لاءِ ڏيپلو وڃي رهيا هئا ته ڪلوئي ڀرسان روهيلو اسٽاپ وٽ سوزوڪي جو اچانڪ ٽائر برسٽ ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ سوزڪي گاڏي ڪلٽيون کائي وڃي خامي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان عبدالغني لنڊ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا جنهن کي مٺي اسپتال داخل ڪيو ويو جتي ٻن زخمين عبدالقدير ۽ شفيع محمد لنڊ جي نازڪ حالت هئڻ ڪري حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جتي شفيع محمد لنڊ پڻ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جڏهن ته ٻين زخمين کي ڪلوئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مٺي ريفر ڪرايو جتي زخمين جو علاج هلندڙ آهي ٻڌايو پيو وڃي ته سوزڪي ۾ سوار سڀ پورهيت قسم جا ماڻهو سوار هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو