صحت کاتي جي رٽائرڊ ڊاڪٽر جي پينشن روڪڻ تي جواب طلب

صحت کاتي جي رٽائرڊ ڊاڪٽر جي پينشن روڪڻ تي جواب طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ صحت کاتي مان رٽائرڊ ڊاڪٽر پريتم جي پينشن معطل ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي صحت کاتي، اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.عدالت سمورن ڌرين کي 9 ڊسمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.ٻڌڻي دوران درخواستگذار ڊاڪٽر پريتم عدالت کي ٻڌايو ته رٽائرمينٽ جي اڍائي سالن کانپوءِ منهنجي پينشن روڪي وئي.سندس چوڻ آهي ته آءِ جي آفيس پهتس ته خبر پئي ته منهنجي خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.درخواستگذار جو چوڻ آهي ته مون کي نه ڪو نوٽيس مليو ۽ نه ئي ڪٿي طلب ڪيو ويو، 3 سالن کانپوءِ ڪيس جي خبر پئي.

پهنجو تبصرو موڪليو