شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) شڪارپور جي ڳوٺ ڊکڻ ڀرسان بڊو ٿاڻي جي حدن اندر علم نصب ڪرڻ دوران پيش آيل افسوسناڪ حادثي ۾ 7 عزادار فوت ٿي ويا، جڏهن ته 15 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا۔ اطلاعن موجب علم 11 هزار وولٽ جي هاءِ ٽرانسميشن بجليءَ جي تار سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب شديد ڪرنٽ لڳڻ ڪري فوت ٿيندڙن ۾ دين محمد ولد ظهير لولائي، شفيق لولائي، حسن سولنگي، خالد لولائي، ارباب ولد احسان لولائي، هدايت الله ولد ظهير لولائي ۽ توحيد ولد سيفل لولائي شامل آهن۔ واقعي کان پوءِ زخمين ۽ فوت ٿيلن کي فوري طور ڊکڻ جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ڪيترن ئي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت سبب سکر، لاڙڪاڻو ۽ رتوديرو جي اسپتالن ڏانهن ريفر ڪيو ويو حادثي جي خبر پکڙجڻ شرط علائقي ۾ ماتم ڇانئجي ويو ۽ وڏي انگ ۾ مقامي ماڻهو ۽ وارث اسپتال پهچي ويا۔ هن دردناڪ واقعي کان پوءِ ڳوٺ ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ سوڳ جي فضا قائم آهي۔هوڏانهن سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ شڪارپور ۾ بجلي جي ڪرنٽ جي افسوسناڪ واقعي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.هڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو افسوسناڪ واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن، الله تعاليٰ مرحومن کي پنهنجي رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سوڳوارن کي صبر ۽ همت عطا ڪري. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڏک جي هن گھڙي ۾ متاثر خاندانن سان گڏ آهي ۽ انهن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته انتظاميه کي هدايت ڪئي وئي آهي ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪري ۽ سڀني پاسن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ رپورٽ پيش ڪري. هن چيو ته ذميوار رخن جو تعين ڪيو ويندو ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن افسوسناڪ واقعن کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي سگهجن. عوامي جان ۽ مال جو تحفظ سنڌ حڪومت جي اولين اولیتن ۾ شامل آهي.










