شيرين مزاري گرفتاري تي توهين عدالت ڪيس،آئي جي جواب جمع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عدالتي حڪم باوجود پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ شيرين مزاري جي گرفتاري تي توهين عدالت ڪيس ۾ آءِ جي اسلام آباد ناصر اڪبر ترميمي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عدالتي حڪم باوجود شيرين مزاري جي گرفتاري تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت درخواستگذارن کي آءِ جي اسلام آباد جي جواب جي ڪاپي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو