شيخ رشيد جي لاهور پريس ڪلب ۾ داخلا ۽ ڪوريج تي بندش

لاهور(پ ر) ڪينسر جي مريض سينئر صحافي ناصر بابت گٿا لفظ ڳالهائڻ ۽ هن باري ۾ توهين آميز لفظ چوڻ تي لاهور پريس ڪلب هڪ هفتي لاءِ ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد جي داخلا ۽ ڪوريج تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. گذريل هفتي بينظير ڀٽو اسپتال راولپنڊي جتي ناصر داخل آهي، شيخ رشيد دورو ڪيو هو ۽ صحافين کيس چيو ته هن جي علاج لاءِ ڪجهه ڪريو جنهن تي وفاقي وزير چيو هو ته پيو رهي هن جو علاج اهو ئي آهي. جنهن تي اسلام آباد جي نيشنل پريس ڪلب جي صدر شڪيل قرار شيخ رشيد تي هڪ هفتي لاءِ پابندي هنئين هئي، جنهن بعد لاهور پڇريس ڪلب جي صدر ذوالفقار مهتو ۽ نائب صدر ناصره عتيق گڏيل بيان ۾ شيخ رشيد جي مذمت ڪندي مٿس پابندي جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو