شهباز ۽ مريم لاءِ جهاز جو رخ تبديل، مسافرن جو سخت احتجاج

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جو پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز (پي آءِ اي) جي عام اڏام ۾ سفر ايئر لائن ۽ سوين مسافرن لاءِ آفت بڻجي ويو. شهباز شريف، مريم نواز وفد سان گڏ پي آءِ اي جي جده کان اسلام آباد جي اڏام پي ڪي 842 تي سفر ڪيو. سفر دوران وزيراعظم اڏام جو رخ اسلام آباد بدران لاهور موڙڻ جو حڪم ڏنو. پي آءِ اي جو هي جهاز وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي سفر سبب 2 ڪلاڪ مقررو وقت بعد جده مان اڏام ڀري ۽ لاهور ۾ لينڊ ڪرڻ بعد ڪافي ڪلاڪ انتظار بعد اڏام اسلام آباد پهتي. ڪيترائسافر احتجاج ڪندي ويڊيو شيئر ڪندا رهيا پر انتطاميه سندن هڪ نه ٻڌي. وي آءِ پيز جي لهي وڃڻ بعد به 2 ڪلاڪ جهاز لاهور بيٺو رهيو، مسافرن گوڙ ڪيو ته کين لهڻ ڏيو هو ٽيڪسي ڪري گهر وڃڻ لاءِ تيار آهن. جهاز ۾ اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۽ ڪي پي ڪي جا 380 مسافر سوار هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو