شهباز پاران حڪومت خلاف توهين عدالت درخواست داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف عدالتي حڪم جي باوجود ايئرپورٽ تي روڪڻ تي ايف اءِ اي سميت ٻين جي خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.شهباز شريف پنهنجي وڪيل امجد پرويز جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته لاهور هاءِ ڪورٽ علاج جي لاءِ هڪ ڀيرو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني.عدالت واضح حڪم ڏنو هو ته اٺ هفتن جي لاءِ  پرڏيهه وڃڻ جي اجازت آهي. پر عدالتي حڪم جي باوجود ايئرپورٽ تي روڪيو ويو. اپوزيشن اڳواڻ پنهنجي موقف ۾ چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي باوجود پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ توهين عدالت آهي. ان ڪري عدالتي حڪم عدولي ڪندڙن جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪري.شهباز شريف لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرڻ لاءِ به ڌار گڏيل درخواست داخل ڪري ڇڏي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالت پنهنجي حڪم تي عمل ڪرائڻ لاءِ حڪم جاري ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو