شهباز شريف جي چين جي سفير سان ملاقات

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف وفاقي گادي واري شهر ۾ چيني سفرتخاني ۾ چين جي سفير مسٽر نونگ رونگ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شهباز شريف سان گڏ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، مريم اورنگزيب به هئي. جڏهن ته سيد مشاهد حسين به ملاقات ۾ موجود هو. ياد رهي ته گذريل هفتي ڪوئٽا ۾ سيرينا هوٽل تي بم حملي بعد چيني سفير چر پر محدود ڪئي آهي، جتي سندس پهچڻ کان ٿوري دير اڳ ئي خوفناڪ ڌماڪو ٿيو هو. ٻئي پاسي ميان شهباز شريف خميس 6 مئي تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ طبي بنيادن تي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت لاءِ درخواست به جمع ڪرائي آهي. شهباز شريف مرحوم مشاهدالله خان ۽ راجا اشفاق سرور جي پوئنرن سان فاتحائون به ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو