شهباز جي ضمانت ۽ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت خلاف نيب جي اپيل

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو يعني نيب لاهور پاران شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ واري لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نيب جو چوڻ آهي ته سندس ضمانت جي منظوري ۽ طبي بنيادن تي 8 هفتن لاءِ پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏيڻ وارن فيصلن کي چيلينج ڪيو ويندو ۽ ان ڏس ۾ نيب جي پراسيڪيوشن برانچ اپيل تيار ڪري رهي آهي. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته هي فيصلو ڪنهن جي فرمائش يا دٻاءَ تي نه پر ميرٽ تي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو