شهبازخاندان جا 150 اڪائونٽ فريز، يوسف عباس نيب ۾ 23 تي طلب

لاهور(ڊيسڪ رپورٽ) قومي احتساب بيورو يعني نيب لاهور شهباز شريف ۽ ان جي خاندان خلاف ڪارروائي ڪندي سندن 150 بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪري ڇڏيا آهن. نيب طرفان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي لکيل خط تي ڪاروائي ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف نيب لاهور مني لانڊرنگ ڪيس جو دائرو وسيع ڪندي نواز شريف جي ڀاءُ عباس شريف جي پٽ کي 23 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي. نيب جي طرفان يوسف شريف کي موڪليل خط ۾ چوڌري شگر ملز جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن ۽ ان کي چيو ويو آهي ته چوڌري شگر ملز ۾ ڪيترا شيئر هولڊر آهن، ڪيترو قرض ورتو ويو؟ ڪيتري رقم ٽي ٽي جي ذريعي وصول ڪئي وئي؟ ان حوالي سان سڀئي تفصيل فراهم ڪيا وڃن. ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڏکيائين ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي، ان جي خلاف به ٽي ٽي سامهون آيا آهن. نيب ان معاملي تي ان کان باقاعده تحقيقات شروع ڪري ڏني آهي. ذريعن موجب نواز شريف ۽ سندس خاندان جي ڀاتين جي اڪائونٽ ۾ ٽي ٽي جي ذريعي پئسا منتقل ڪيا ويا. نيب ان حوالي سان اهم ثبوت حاصل ڪري ورتا آهن. چوڌري شگر ملز ۾ ٽي ٽي جي ذريعي پئسا منتقل ڪري لڳايا ويا. فنانشل مئنجمينٽ يونٽ جي طرفان نيب کي رپورٽ موڪلي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو