شرياس ٽالپاڊ جي هندو ديوتا جي بي عزتي تي معذرت

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار، هدايتڪار ۽ پروڊيوسر شرياس ٽالپادي پنهنجي 2012 جي فلم ڪمال ڌمال مالامال جي هڪ پراڻي وڊيو تي معافي گهري ورتي آهي.هن اها معافي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي هڪ وڊيو ڪلپ شيئر ڪرڻ کانپوءِ ڪئي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته شيرياس جي ڪردار هڪ هندو ديوتا جي بي عزتي ڪئي.مٿين ٽوئيٽ تي رد عمل ظاهر ڪندي شرياس معافي گهري ۽ چيو ته هو ان کي نه ورجائيندو ۽ نه ئي ڪنهن جي جذبن کي مجروح ڪندو.هندي ۽ مراٺي سينما جي اداڪار سومر تي جاري ڪيل پنهنجي معافي نامي واري خط ۾ چيو آهي ته اصل ۾ شوٽنگ دوران ڪيترائي سبب آهن جن ۾ وقت جي کوٽ، ذهني حالت، ايڪشن جا منظر، فلم ڊائريڪٽر جي ضرورتن وغيره جو اندازو ئي ناهي. هن چيو ته منهنجي وضاحت جو مقصد صرف پنهنجي غلطي کي ثابت ڪرڻ نه آهي، مان صرف اهو چوڻ چاهيان ٿو ته اهو ناداني ۾ ٿيو جنهن تي مون کي سخت شرمندگي آهي ۽ معافي گهران ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو