ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جو سڌ سماءَ وارو وزير شرجيل انعام ميمڻ جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) مان ڪڍڻ کانپوءِ پرڏيهه روانو ٿي ويو.رپورٽن مطابق عدالت کان اجازت ملڻ بعد شرجيل ميمڻ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويو.اطلاعات کاتي ۾ ڪرپشن ريفرنس سبب صوبائي وزير شرجيل ميمڻ 2017 کان پرڏيهه نه ويو هو.ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽ پيٽروليم بابت اڳوڻو صلاحڪار ڊاڪٽر عاصم حسين به پرڏيهه روانو ٿي ويو آهي.










