شبيهه روضه امام علي جي نذراني جي رقم چوري، چورگرفتار

ڪنب (صفدرچانڊيو) جاگيرعلي اڪبر ۾ رات دير سان شبيھه روضه امام علي جي زيارت جو بهانو ڪندي چندي واري پيتي  ٽوڙيندڙ ٻه چور ڳوٺاڻن ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتا چورن وٽان هڪ موٽر سائيڪل رنبو تيڇي، پڪڙ ۽ ڳنڍ پئسن جي هٿ ڳوٺاڻن چورن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ جاگير علي اڪبر تي موجود زائرن ۽ ڳوٺاڻن جن ۾ سڪندر علي لهراڻي الهوڌايو انصاري مسمات حنيفان خاتون ۽ ٻين ٻڌايو ته رات تقريبن ڏھين وڳي شبيھ روضه امام علي ۾ چور پوئين دروازي کان اندر داخل ٿي اتي پيل نذراني واري پيتي جا تالا ٽوڙي رقم کڻي فرار ٿي رهيا هئا ته موجود ماڻھن ۽ ڳوٺاڻن وڏيرو عبدالله بروهي سميت لهراڻي ۽ انصاري برادري جي  ماڻھن  چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو انهن کان پڇا ڳاڇا پڻ ڪئي جڏھن ته ڪنب  پوليس يارهين وڳين پهتي چور انهن جي حوالي ڪياويا پوليس جي پڇا کانپوء چورن وٽان هڪ موٽرسائيڪل هڪ عدد پڪڙ، تيڇي ، رنبو  آري بليڊ ۽ پيتي مان نڪتل پئسن جي ڳنڍ پڻ هٿ ڪئي. چور لاڙڪاڻي جا رهاڪو آهن نالا ٻڌائڻ کان هنن انڪار ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو