اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور ڪري ورتي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ شاهه محمود قريشي خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت کهنه ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.شاهه محمود قريشي خلاف اسلام آباد جي ٿاڻي کنا ۾ 9 مئي جي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
