لاهور(ويب ڊيسڪ)اليڪشن ڪميشن آف پنجاب پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جا الزام رد ڪندي کانئس ثبوت طلب ڪري ورتا آهن.پنجاب جي اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي الزامن جي جواب ۾ تفصيلي رپورٽ مرڪزي اليڪشن ڪميشن کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 217 ۾ جاچ واري ڏينهن شاهه محمود قريشي ۽ سندس وڪيلن ريٽرننگ آفيسر تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر موجب شاهه محمود جي سيڪريٽري ملتان ۾ بينر لاهڻ ۽ فليڪس هڻڻ جي ڌمڪي ڏني.شاهه محمود الزام هنيو ته 20 تڪن جي ضمني چونڊن ۾ ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڊي پي اوز کي چيو ويو ته سندن مستقبل جو دارومدار چونڊن جي نتيجن تي آهي.هن چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميوارين ۾ غفلت ڪئي ته جمهوريت خطري ۾ پئجي ويندي.










