شاهه سلمان پاران ايراني صدر کي سعودي عرب جي دوري جي دعوت

رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي بادشاهه سلمان ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏني آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب ايراني صدر جي سياسي معاملن بابت ڊپٽي چيف آف اسٽاف محمد جمشيدي ٽوئيٽ ڪيو ته سعودي عرب ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي رياض جي دعوت ڏني آهي.هن چيو ته سعودي فرمانروا ايراني صدر کي خط لکي ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي جي آجيان ڪئي آهي.محمد جمشيدي چيو ته شاهه سلمان ايران-سعودي مضبوط اقتصادي ۽ علائقائي تعاون کي مضبوط ڪيو.هن چيو ته ايراني صدر رئيسي سعودي فرمانروا جي دعوت جي آجيان ڪئي آهي ۽ ايران کي چيو آهي ته هو سعودي عرب سان تعاون وڌائڻ لاءِ تيار رهي.ٻئي طرف سعودي عرب طرفان اهڙي ڪنهن به خط جي تصديق نه ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو