شاهه رخ خان جي گهرواري گوري خان خلاف ڪيس داخل

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي گهرواري ۽ فلم پروڊيوسر ۽ ڊزائنر گوري خان خلاف ملڪيت خريد ڪرڻ جي الزام ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڪيس انڊين پينل ڪوڊ جي سيڪشن 409 (ايمان جي ڀڃڪڙي) تحت داخل ڪيو ويو آهي.ممبئي جي رهواسي جسونت شاهه اداڪار جي گهرواري تي الزام لڳايو آهي ته گوري جنهن ڪمپني جي برانڊ ايمبيسڊر آهي، ان ڪمپني 86 لک رپيا وٺڻ باوجود لکنؤ ۾ فليٽ جو قبضو نه ڏنو. ان کان علاوه چيف ايم ڊي انيل ڪمار ۽ تلسياني ڪنسٽرڪشن جي ڊائريڪٽر مهيش تلسياني خلاف به ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.مدعي جسونت شاهه موجب گوري خان کيس فليٽ خريد ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو