شاهه رخ خان جي فلم ”ڊنڪي“ جو هڪ منفرد رڪارڊ

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جي نئين فلم ”ڊنڪي“ اداڪار جو منفرد رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي.فلم ”ڊنڪي“ جو هدايتڪار راجڪمار هيراني آهي، جيڪو ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ تمام گهٽ بجيٽ سان فلمون ٺاهڻ لاءِ مشهور آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب راجڪمار هيراني فلم ”ڊنڪي“ رڳو 85 ڪروڙ ڀارتي روپين ۾ ٺاهي آهي، اهڙي طرح فلم ”رب نه بنا دي جودي“ کانپوءِ هاڻي فلم ”ڊنڪي“ شاهه رخ خان جي سڀ کان گهٽ بجيٽ واري فلم آهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته انهن انگن اکرن ۾ ڪاسٽ ۽ عملو جي فيس شامل ناهي، جڏهن ته، مارڪيٽنگ، پرنٽ ۽ ٻين خرچن کي شامل ڪرڻ کان پوء فلم جي بجيٽ 120 ڪروڙ رپيا اچي ٿي.رپورٽ موجب راجڪمار هيراني هن فلم جي شوٽنگ صرف 75 ڏينهن ۾ مڪمل ڪئي ۽ ان ڪري فلم کي گهٽ بجيٽ ۾ ٺاهڻ ممڪن ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو