شاهه رخ خان جا بولي ووڊ ۾ 30 سال مڪمل، ڇا سکيو؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بولي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان کي 25 جون تي شوبز اندسٽري ۾ 30 سال مڪمل ٿي ويا. ان موقعي تي هن ٽوئٽر تي پنهنجي مداحن جو شڪريو ادا ڪندي سندن سوالن جا جواب به ڏنا. 55 سالن جي شاهه رخ خان اداڪاري 1980 جي آخر ۾ شروع ڪئي پر سندس بولي ووڊ جي پهرين فلم ديوانا 1992 ۾ رليز ٿي. خوشقسمتي سان سندس پهرين فلم هٽ ٿي وئي جنهن بعد راجو بن گيا جينٽلمين، چمتڪار ۽ مايا ميم صاب جهڙين سپر هٽ فلمن به ڪم ڪيو. هن بولي ووڊ جي سڀني ٽاپ اداڪارائن سان فلمون ڪيون آهن. اڳيون سال هن لاءِ بهتر ٿابت ٿيو، بازيگر ۽ ڊر جهڙيون فلمون ڏنيون. ڏهن سالن ۾ هن وڏو نالو ڪمايو ۽ سپر استار بڻجي ويو. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته هن بولي ووڊ ڪيريئر ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪن ڪهڙي شئي سکي ته هن چيو ته متاثر ڪن ته ڪون سکي پر اها پرک پئجي وئي ته جيڪو ماڻهو سٺو ڪم نٿو ڪري سگهي اهو سٺي کان سٺو به ڪري سگهي ٿو. هڪ ٻئي سوال تي چيو ته منهنجي زندگي جا بهترين 30 سال اهي آهن جيڪي بالي ووڊ ۾ گذاريا. صحت بابت سوال تي چيو ته صحت بهتر آهي پر جان ابراهم جيان ناهي. هڪٻئي سوال تي هن چيو ته فلمساز راج ڪمار هيراڻي کي گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ چيم پر هو اڃا آرام ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو