ممبئي(ويب ڊيسڪ)شاهه رخ خان جي نئين فلم پٺاڻ تي ڀارتي انتها پسندن جي تنقيد کانپوءِ پيدا ٿيل تڪرار نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ جي بگ بي اميتاڀ بچن تازو ئي ڪولڪتا فلم فيسٽيول جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ تقريب ۾ شاهه رخ خان به موجود هو.تقريب کي خطاب ڪندي اميتاڀ بچن آزاديءَ کان اڳ جي فلمن بابت ڳالهايو ۽ فرقيواريت کان وٺي سماجي اتحاد، برطانوي سينسرشپ، جبر ۽ ٻين مسئلن تي خيالن جو اظهار ڪيو.ڀارتي اداڪار ڀارت ۾ اظهار جي آزادي ۽ شهري آزادين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ کي آزاد ٿيا ڪيترائي سال گذري ويا آهن پر اڄ به اظهار جي آزادي ۽ شهري آزادين تي سوال اٿاريا وڃن ٿا.سندس تقرير کانپوءِ ميڊيا رپورٽس ۾ چيو پيو وڃي ته ائين ڪرڻ سان اميتاڀ بچن شايد شاهه رخ خان جي فلم پٺاڻ ۽ دپيڪا ۽ شاهه رخ خان جي گاني بيشرم رنگ ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جنهن سبب تڪرار پيدا ٿي ويو آهي.
