ممبئي (ويب ڊيسڪ)اڀرندڙ بالي ووڊ اداڪار روهت صراف شاهد ڪپور جي بلاڪ بسٽر فلم ”عشق واش“ جي سيڪوئل جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.روهت صراف تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ فلم جي سيڪوئل بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته مان فلم بابت تمام گهڻو پرجوش ۽ ٿورڙو نروس آهيان.هن چيو ته اميد آهي ته صارفين کي اها فلم پسند ايندي.هن اهو به چيو ته مان هن فلم ۾ شاهد ڪپور جي جاءِ تي بلڪل به ناهيان رهيو ڇو ته هن فلم جي ڪهاڻي اڳئين فلم کان بلڪل مختلف آهي صرف ٻنهي فلمن جا نالا ساڳيا آهن ۽ پروڊڪشن هائوس به ساڳيو آهي.روهت صراف چيو ته هن فلم جي ڪهاڻي اڄ جي دور ۾ پيار ۽ دوستي تي ٻڌل آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب روهت صراف، هريتڪ روشن جي ڪزن پشمينا روشن ۽ ڪڏهن خوشي ڪڏهن غم فيم اداڪار جبران خان عشق واشق جي سيڪوئل ۾ ڪم ڪندي نظر ايندا.
