شان جي ڊبل سينچري،پاڪستان جي آسٽريا خلاف اننگ ڊڪليئر

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ)ڪينبرا ۾ پاڪستان ۽ پرائم منسٽر اليون وچ ۾ چئن ڏينهن واري ميچ ۾ گرين ڪيپس 9 وڪيٽن جي نقصان تي 391 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪئي، جڏهن ته آسٽريليا جي بيٽنگ جاري آهي.پاڪستان پهرين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 324 رنسون ٺاهي ورتيون.آسٽريليا جي پهرين ٽور ميچ ۾ ڪپتان شان مسعود شاندار ڊبل سينچري اسڪور ڪئي، هو 201 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو.ڪينبرا جي منوڪا اوول گرائونڊ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ پاڪستاني ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ امام الحق اننگز جي شروعات ڪئي پر امام الحق 9 رنسون ٺاهي بڪنگهم جي بال تي وڪيٽن جي پويان ڪيچ ٿي ويو.عبدالله شفيق به 38 رنسون ٺاهي اسٽڊي جو شڪار ٿيو جڏهن ته بابر اعظم به 40 رنسون ٺاهي بڪنگهم جو شڪار بڻجي ويو.چانهه جي وقفي کانپوءِ سعود شڪيل به جلد ئي آئوٽ ٿي ويو ۽ هن 13 رنسن جي اننگز کيڏي پر شان مسعود پنهنجي شاندار بيٽنگ جو سلسلو جاري رکيو ۽ پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي. سرفراز احمد 41 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته فهيم اشرف 17 رنسون ٺاهي راند جي آخري اوور ۾ آئوٽ ٿي ويو.ان کان علاوه عامر جمال 5، مير حمزه 8 ۽ خرم شهزاد 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو