شاعر، اديب، تعليمدان سائين داد لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)شاعر، اديب ۽ تعليمدان سائين داد ساند 65 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.سائين داد ساند جي پٽ شنيد جو چوڻ آهي ته سندس والد جي جنازي نماز شام 5 وڳي ڳوٺ مٽيارو ساند ۾ ادا ڪئي ويندي، هو جگر جي بيماري سبب 2 هفتن کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.هن چيو ته والد صاحب سنڌي ٻولي مٺي ۾ 5 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا ۽ ڊپلوما ڊگري ڪاليج گورنمينٽ ڪاليج جو پرنسپال پڻ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو