شادي لارج واهه جي ڪپرن تي اڏيل دڪان ۽ گهر ڊاهي پٽ

ٽنڊو باگو (فرحت جعفري) شھر جي وچ مان گذرندڙ شادي لارج واھ جي ٻنھي ڪپرن تي غير قانوني حد دخلين خلاف آبپاشيءَ کاتي پاران پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري ڪپرن تي اڏيل غير قانوني دڪان ۽ گھر ھيوي مشينري سان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. ان موقعي تي ايس ڊي او ايريگيشن فياض قمبراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واھن جي ڪپرن تي سرڪاري ملڪيتن تي قبضو ڪندڙ کي ڪنھن به صورت م بخش نه ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو