شادي جي ماني کائڻ سبب 6 ڄڻا بيهوش، اسپتال داخل

صالح پٽ (نياز مهر) ڳوٺ ٿمي ۾ شادي جي ماني کائڻ سبب غلام مصطفيٰ مڱريو جا چار ٻارڙا 12 ساله علي در، 3 سالا خدابخش، 5 ساله علي بخش ، 4 ساله سبحان ، 22 سالا ڌي ڪائنات ۽ سندس زال نظيران کي الٽيون ۽ دست ٿيڻ سبب بيهوش ٿي ويا. جن کي وارثن تعلقه اسپتال صالح پٽ آندو آهي جتي سندن علاج هلندڙ آهي . ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته گرمي ۾ گوشت کائڻ سبب فوڊ پوائزننگ جي ڪري ٻارڙن جي اهڙي حالت ٿي آهي جن جو علاج ڪيو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو