شادي ۾ فائرنگ ۽ پوليس تي تشدد جي الزام ۾ 5 ڄڻا گرفتار

شادي ۾ فائرنگ ۽ پوليس تي تشدد جي الزام ۾ 5 ڄڻا گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڀينس ڪالوني ۾ شادي جي تقريب ۾ هوائي فائرنگ ۽ پوليس تي تشدد جو واقعو سامهون آيو آهي.
ڀينس ڪالوني ۾ شادي جي تقريب دوران هوائي فائرنگ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ پوليس آپريشن شروع ڪيو.
پوليس موجب، وڊيو ۾ هڪ شخص کي پستول هوا ۾ فائر ڪندي ڏٺو ويو آهي. اطلاع ملڻ تي، ٽي پوليس آفيسر شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ واقعي واري هنڌ پهتا ۽ فائرنگ ۾ استعمال ٿيندڙ پستول کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو