سڱاوتي ۽ زمين جي تڪرارن تان ڌار ڌار واقعن ۾ 2 ڄڻا قتل

ڳڙهي ياسين (شفيق مهر) ڊکڻ ڀرسان ڳوٺ ڳڙهي صاحب خان ۾  پراڻي سڱاوتي تڪرار تان سئوٽن ھٿان سئوٽ  گوليون هڻي قتل لاش ڳوٺ ٻاھران سم نالي ۾  ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته دلاور مارفاڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ روس مارفاڻي لڳ زميني تڪرار تان ٻن ڀائرن ۾ هلندڙ جهيڙو شدت اختيار ڪري ويو ننڍي ڀاء وڏي  ڀاءُ کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پهرين واقعي بابت ڳوٺاڻن جي اطلاع تي ڊکڻ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي نوجوان جو لاش سم نالي مان ڪڍي وارثن کي اطلاع ڪيو جن  مارجي ويل نوجوان جي ديدار شر طور سڃاڻپ ڪئي. ان موقعي تي مقتول جي ڀاء علي مراد شر ٻڌايو ته اسان جو پنھنجو ئي سئوٽ اسلام شر سان  سڱاوتي  معاملي تان تڪرار ھلندڙ آھي منھنجي ڀاء کي اسلام شر وارن قتل ڪيو آهي. ھن چيو ته اسان جو ٻن سالن کان سئوٽن سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ هيو اڄ صبح 10 بجي اسان جي ڀاءُ کي اسان جي سئوٽ اسلام شر گوليون هڻي قتل ڪري لاش سم نالي ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو آھي  ڊکڻ پوليس مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڳڙهي ياسين اسپتال کڻائي وئي آخري اطلاعن تائين تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. هوڏانهن دلاور مارفاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ روس مارفاڻي لڳ ٻن ڀائرن ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران ننڍي ڀاءُ الطاف مارفاڻي گهر اندر بندوق جا فائر ڪري پنهنجي وڏي ڀاء علي بخش مارفاڻي کي ٿڏي تي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. پوليس ڳوٺ روس مارفاڻي پهچي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو