سڙيل ٽرانسفارمر مٽايو، شهرين جو عيد تي احتجاج

دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)شهباز ڪالوني ۽ توفيق ڪالوني جي رهواسين جو عيد جي ڀلاري ڏينهن تي سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ڪندڙن علائقي واسين سيپڪو عملدارن خلاف سخت نعري بازي ڪئي  ان موقعي تي علائقي واسين احتجاج ڪندي چيو ته عيد جي ڀلاري رات دير سان علائقي جا ٻه ٽرانسفارمر سڙي ويا آهن سيپڪو عملدار آفيس خالي ڪري هليا ويا آهن ڪمپلين سيل ۾ ڪو به ملازم موجود نه آهي عيدالفطر جي ڀلاري ڏينهن تي بجلي نه هجڻ سبب سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهيون بجلي نه هجڻ سبب گهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي به نه آهي،فوري طور سڙي ويل ٽرانسفارمر مرمت يا تبديل ڪري علائقي جي بجلي بحال ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو