سپريم ڪورٽ جا سنڌ جي تعليم تي رمارڪس ۽ بنيادي حقيقتون

تحرير حسين آزاد ميمڻ 

سپريم ڪورٽ جي ڪورونا جي پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي ۽ سنڌ جي تعليم تي خرچ ڪيل 2600 ملين ڊالر تي رمارڪس  سمهون آيا آھن جنهن ۾ ڪورٽ  سڳوري جي چيف جسٽس صاحب سنڌ جي تعليم واري کاتي طرفان 2013 کان 2017ع تائين چئن سالن  واري عرصي دوران 2600 ملين ڊالرن واري خرچ ڪرڻ تي تعجب جو اظھار ڪندي چيو ته ايتري تعليم تي خرچ ڪرڻ سان ته سنڌ صوبو پيئرس بڻجي وڃي ها !!! يونيورسٽيون هاروورڊ هجن ها !, ۽ اسڪول ته محلات جو ڏيک ڏين ها..!, تعليم جي شرح 100 سيڪڙو هجي  ها۔۔!. اهڙي طرح ڪورٽ سڳوري ڪورونا جي متعلق سامان جي خريداري ۽ بنا رجسٽرڊ دوائن جي خريداري تي به پڇاڻو ڪيو جنهن ۾ اين ڊي ايم  اي تي ڇوھ ڇنڊيندي سندن رپورٽن تي بي اعتمادي جو اظھار ڪندي رد ڪري ڇڏيو آھي ۔اسان جي پوري ملڪ جي کاتن جي بجيٽن ۽ حقيقي خرچن تي صرف تعجب ئي ڪري سگهجي ٿو۔  واڳ ڌڻين وٽ پئيسن جا انگ اکر ايترا آھن جن کي لڪائڻ لاء سندن کانچا به کٽي پون ٿا , هن کان اڳ  سنڌ جي ڪورٽ سڳوري سنڌ جي ڊي سي صاحبن کان به سندن ضلعي ۾  بجيٽ جي پئيسن ۽ ڪم جي رپورٽ جو پڇاڻو ڪيو هو جنهن ۾ به رڳو حيرت  جوڳا انک اکر آيا هئا  ۽ ڊي سي صاحبان کي به خبر نٿي پئي ته ڪرپشن ڪيل پئيسن کي ڪهڙن کانچن  ۾ فٽ ڪن ۔  ڪرپشن جي ور چڙھيل هن وقت وفاقي سرڪار کان ويندي صوبائي حڪومتن جون عوام جي ڀلائي نالي تي جيڪي به اسڪيمون , پروگرام يا ترقياتي ڪمن تي بجيٽ جا پئيسا رکيا ٿا وڃن اهي عوام جي ڀلائي ۽ ملڪ جي ترقي لاء ڪيترو خرچ ٿين ٿا اها هاڻ ڪنهن کان ڳالھ لڪيل ڇپيل  نه آھي ۔ جيئن سپريم ڪورٽ سڳوري جي چيف جسٽس جو سنڌ جي تعليم تي خرچ ڪيل رقم جو ڪاٿو لڳائي ۽ وري زميني حقيقتن تي نظر ڊوڙائي ته دل مان آنھ نڪري وئي هئي  تيئن ئي ملڪ جو هر باشعور ماڻھو به خرچ ڪيل رقم ۽ گرائوڊ تي ادارن جي ڪارڪردگي ڏسي ٿو ته سندس جي جهري  پوي ٿو ,  ته هر سال ۾ هيڏي وڏي بجيٽ کي ڪنهن جي بد نظر لڳيو وڃي , جو زمين تي پهچڻ کان اڳ ئي گم ٿيو وڃي ۔سنڌ سرڪار جي رڳو تعليم واري کاتي جي حالت اهيا آھي جو هن کان اڳ ۾ ڪورٽ سڳوري جي اڳيان اهيو اعتراف ڪيو ويو ته سنڌ جا 16 لک کان مٿي ٻار تعليم پرائڻ لاء پٽ تي ويهي تعليم وٺڻ تي مجبور آھن ۔ اهيا ته حڪومت  ڪورٽ سڳوري جي اڳيان پنهنجي پت بچائڻ خاطر اعتراف ڪيو هو , پر زميني حقيقتون ٻڌائين ٿيون ته اسڪولن ۾ 60 سيڪڙو ٻارن کي بينچ يا ڊيسڪ مهيا نه آھن ۔ ۽ انهي  کان به اڳ ۾ ڪورٽ سڳوري جي پڇاڻي تي  سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري احمد بخش ناريجي اعتراف ڪندي ٻڌايو  ته سنڌ جا اسڪول 6866 مڪمل بند آھن 7974 اسڪول هلڻ جي قابل نه آھن 46549 استادن جو جايون خالي پيل آھن ۔ اهي رپورٽون سڀ حڪومتي ڌر جي طرفان ڄاڻايل اعترافن تي مشتمل  آھن پر  اسين سنڌ جي اسڪولن جي عمارتن جي حالت ۽ انهن ۾ موجوده انفراسٽرڪچر  , پيئڻ جي پاڻي جي سهولت,  واش رومن جي موجودگي ۽ چوديواري جي سهولت جي سروي ڪداسين ته اسان کي يونيسيف جي سروي رپورٽ سنڌ جي اسڪولن ۾ سهولت  23 فيصد واري  به اڌوري لڳندي , هن وقت سنڌ جي پرائمري توڙي سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن جي عمارتن جي حالت  خراب ملندي , خصوصن ٻھراڙي جي پرائمري اسڪولن ۾ بلڪل نه هئڻ جي برابر آھي , جتي استاد ۽ شاگرد اسڪول جي ڇت جي چاپوڙن جي ڪرڻ ڪري زخمي ۽ موت جي رسڪ ۾ پڙھائن ٿا  ۔ سنڌ ۾  ته نياڻيڻ جي اسڪولن ۾ واش روم ۽ بائونڊري نه هئڻ جون شڪايتون اڃ جي مهذب يافته دور ۾ سنڌ جي سرڪار جي ته پت واکي ڪري ڇڏين ٿيون ۔ دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ اسڪولن جي جيتري سار سڀال يا مالڪي ڪئي وڃي ٿي , جنهن ۾ اسڪول جي پڙھائي واري ماحول ۽ ٻارن جي ڪمرن ڪلاسن ۾ موجود سهولت کان ويندي راندين جي گرائوڊن ۽ پارڪن تائين اهي ته سڀ  ڳالهيون اسان  وٽ ناممڪن بڻيل آھن , پر صرف اسڪولن ۾ بنيادي ضروري شيون ,  بينچ ۽ ڊيسڪون مهيا ڪرڻ به هاڻي خواب بڻجنديون  پيون وڃن ۔ حڪومتي  بيچن تي ويٺل پارٽيون پنهنجي نا اهلي جي اعتراف تي به شرمده ٿيئڻ يا ادرن کي بهتر ڪرڻ واري سوچ ۽ ضمير کان بنهي خالي آھن سنڌ ۾  صرف تعليم کاتو نه پر هر کاتو تباھ ٿيل آھي جتي ڪرپشن پنهجا گهر ٺاهي ڇڏيا آھن ۽ هر حڪومتي يا سرڪاري وزير ان ڪوشش ۾ رڌل آھي ته ترقياتي جي نالي تي بجيٽ جا ڀانڊا ڪين ڦاڙجن  ۽ان ڊوڙ ۾ سنڌ جي وڏي ڀوتار کان ويندي علائقائي ڀوتار تائين ۽ وڏي ڪاموري کان ويندي ننڍي ڪاموري تائين ڪنهن به پوئتي  نه رکيو آھي ۔ ڪرپشن جي ڪري اسان وٽ صرف ڪاغذن۽ بلن ٺاهڻ ۾ مهارت ملندي آھي ۽ تمام وڏي ٽيڪنڪ سان بجيٽ جون رپورٽون ٺھن ٿيون جن تي جج صاحبان به حيرت ۾ هوندا آھن ته ملڪ جو عوام پريشان هوندو آھي ۔ سنڌ جو هر ضلعو سرڪاري ڀوتارن جي رشوت عيوض ورهاست ۾ هوندو آھي جنهن کي هو پنهنجي مرضي مطابق ترقياتي ڪمن مان پنهنجي حصي جو سيڪڙون کڻندا آھن ۽ ھر ڪم پنهنجي ويهاريل ڪاموري کان مرضي مطابق ڪرائيندا آھن ۔جنهن کان سواء ھر وزير ڪاموري جو پنهنجو پنهنجو پرسنٽيج رکيل هوندو آھي جنهن کي پوري ايمانداري سان ورهاست ڪري ڏنون ويندو آھي ته جيئن انهن ۾ ڪو تڪرار  يا شڪايت نه ٿئي ۔ ان سڄي ڦرلٽ کان پوء باقي ڪي ناني وارا ڪن بچندا آھن جيڪي گرائوئوڊ تي پهچن ٿا  جن سان عمارتن ۾ سينمنٽ ناقص ۽  رڳو ريتي استعمال ڪئي ويندي  آھي جيڪا ٺھن شرط ڊھڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ ڇتين مان چاپوڙا ڪرڻ ديوارين ۾ ڏار پوڻ برسات ۾ مينهن جو ڇت منجهان وسڻ عام رواجي ڳالھ هوندي آھي,  نئي تيار  ٿيل بلڊنگ هڪ ٻه سال ۾ تباھ ٿي پوندي آھي جنهن عمارت لاء هيڏي وڏي رقم منظور ڪئي وڃي ٿي انهي تي افسوس ئي ڪو نه ڪيو ويندو آھي ۔منظور ٿيل بجيٽ  جو صرف 50 سيڪڙو به خرچ ڪجي ته اها بلڊنگ 10 کان 15 سال بهتر حالت ۾ هجي ها پر هتي ته ظلم اهيو آھي ته هر وزير ڀوتار کان ويندي هر ڪاموري جي اهيا دلي خواھش هوندي آھي ته ڪم ايترو ناقص ڪجي جو هر ٻئي سال ساڳئي عمارت جو  رپيئرنگ بل ٺاهجي ۽ پئيسا هڙپ ڪجن ۔ انهي منفي سوچ جي آڌار تي هر ترقياتي ڪم ڪجي ٿو   ۔ روڊن  رستن ۽ پلن جي به ساڳي پوزيشن هوندي آھي جتي ٺيڪدار صرف  غير معياري پٿر ۽ مٽريل استعمال ڪري بلن ٺاهڻ واري فارملٽي پوري ڪئي ويندي آھي جنهن سان روڊ ھلڻ جي قابل ئي نه هوندا آھن ۽ پلون اچانڪ ڪري پون ٿيون جنهن سان ڪيترائي حادثا ٿين ٿا ۔ جنهن ۾ عوام جي بجيٽ جو عوام تي خرچ ڪرڻ جو هڪ سيڪڙو به احساس ڪو نه ڪيو ويندو آھي ۔ سنڌ ۾ تعليم جي شرح 57 سيڪڙو ٻڌائي ٿي وڃي پر زميني حقيقتون ان جي بلڪل ابتڙ آھن .هيڏانهن ملڪ جو وزير اعظم به پنهنجون غلطيون تسليم ڪندي چوي ٿو ته مونکان غلطيون ٿيو آھن جيڪي ٽڪيٽن ڏيئڻ ۽ پارٽي ۾ ماڻھو شامل ڪرڻ بابت آھن پر  وزير اعظم صاحب کي جهانگير ترين جي تري لڳڻ ڪري اهڙو اعتراف ڪرڻو پيو آھي پر حقيقت اهيا آھي ته وزير اعظم پاڻ کي نا اهل هئڻ جو اعتراف ڪري ها ڇا ڪاڻ جيڪي  هن آئي ايم ايف سان قرضن  وٺڻ عيوض ڪيا ۽ ان صورت ۾ منهنگائي جو طوفان ۽ وعدا قول هن عوام سان ڪيا ان تحت سندس ڪارڪردگي زيرو آھي ۔ وزير اعظم غلطيون اڻ ڄاڻائي ۾ نه پر ڄاڻي واڻي ڪيون  آھن مرڪزي حڪومت سنڌ جي ماڻھن لاء قاتل ۽ منفي  سوچون رکي ٿي  جنهن ۾ سنڌ جي ٻيٽن کان ويندي سنڌ کي ترقياتي ڪمن ۾ نظر انداز ڪرڻ آھي ۔ عمران خان کي جڏهن جهانگير ترين سياسي ويڪائون چوڌرين توڙي ڀوتارن کي خريد ڪري جهاز ۾ کڻي کيس جي اڳيان پيش ٿي ڪيو ان وقت جهاگير ترين تبديلي پسند اڳواڻ جو ساڄو هٿ هو ۽ جڏهن اهو جهانگير ترين  کنڊ اسڪينڊل جو مک جوابدار ثابت ٿيو ته عمران خان پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪري ٿو ۔ پر  هت رڳو اعتراف ڪرڻ ۽ پنهنجي جان ڇڏائڻ ڪافي ناهي ان اعتراف سان گڏ انهن غلطين جو ازالو ڪندي اهي ڪرپٽ ڪاريون رڍون ۽ مافيائن کي سبق سيکارڻ لازمي آھي ۽ انهن کي پنهنجين صفن مان ٻاهر ڪڍڻو به پوندو ڇاڪاڻ اهي مافيائون جيڪي وزير اعظم عمران خان کي تبديلي جي نالي ۾ ويجهيون ٿيون هيون انهن جا پنهنجا ذاتي مفاد ۽ ترجحيون  هيون جن جو ڪم صرف عوام جي ٽيڪسن واري بجيٽ کي ذاتي دولت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ پاڻ لاء ڦرلٽ ڪرڻ جو رستو آسان ڪرڻ ھو , تنهڪري حڪومت کي بچائڻ لاء انهن مافيائن جي بليڪ مينلنگ ۾ اچڻ بجاء انهن مان جان ڇڏائڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي پوء ڀلي اهي ڪرپٽ وزير يا پارٽي ميمبر  ڪيتري ئي تعدا ۾ ڇو نه هجن ۔ يقينن اهڙي پاليسي اپنائڻ  کي عوام ضرور ساراهيندو ۽ اڳيان پنهنجو ووٽ به انهي بنياد تي ڏيندو ۔ تنهڪري عوام  جي اعتماد کي بحال ڪرڻ لاء تبديلي پسند سرڪار کي صرف وزارتن جي مٽا سٽا تائين محدود نه ڪيو وڃي ۔ هيڏانهن سنڌ جي عوام جي دعويدار پارٽي پ پ پ جي اڳواڻ بلاول ڀٽو عمران خان جي اعترافن تي کيس وڃڻ جو چئي رهيو آھي پر سندس پارٽي جي سنڌ ۾ ناهلي جي اعتراف تي خاموش آھي تنهڪري وٽ ٻئي پارٽين جا ليڊر نا اهل آھن ۽ ان معاملي تي گهري سوچ ويچار به ڪيو وڃي ڇا مستقبل ۾ سندن نا اهل حڪومتي ڪارڪردگي کين عوام وٽ وڃڻ لاء ڪو گس  به ڇڏيو آھي يا نه ۔

پهنجو تبصرو موڪليو