سينيٽ ۾ ائٽمي پروگرام بابت بيان تي اسحاق ڊار جي وضاحت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پاڪستان جي ايٽمي پروگرام بابت سينيٽ ۾ ڏنل بيان جي وضاحت ڪئي.پنهنجي بيان جي وضاحت ڪندي سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي پروگرام ۾ دير جي سببن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ منهنجو بيان سياق و سباق کان هٽي ڪري ٻڌايو پيو وڃي. جيتوڻيڪ مون اهو تبصرو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام بابت هڪ ساٿي سينيٽر جي مخصوص سوال جي جواب ۾ ڪيو.ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پنهنجي وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان هڪ خودمختيار ملڪ هجڻ جي ناطي پنهنجو ايٽمي پروگرام تيار ڪرڻ جو پورو پورو حق رکي ٿو ڇو ته اهو اسان جي قومي مفاد ۾ آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ IMF سان جاري ڳالهين سان نه ڳنڍڻ گهرجي.اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته نه ته آءِ ايم ايف ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي ملڪ اسان جي ايٽمي صلاحيت جي حوالي سان پاڪستان تي ڪا به شرط يا مطالبو رکيو آهي ۽ آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جي معاهدي ۾ دير خالص فني سببن جي ڪري آهي، اسان آءِ ايم ايف سان مسلسل رابطي ۾ آهيون. جيترو جلدي ممڪن ٿي سگهي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو