سياسي مخالفن خلاف حڪومت رياست کي استعمال پئي ڪري، بلاول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ ڪارڪنن تي تشدد خلاف قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عمران خان سياسي مخالفن خلاف رياست کي استعمال پيو ڪري. اربع تي نيب ۾ پيشي جي موقعي تي ڪارڪنن تي ٿيل تشدد جي مذمت ڪندي هن چيو ته اسلام آباد ۾ ڪا ايمرجنسي يا قلم 144 لاڳو ٿيل نه هو، اسان احتجاج جو سڏ به نه ڏنو هو. زرداري هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن سواليه انداز ۾ چيو ته نيب جي قانون ۾ ڪٿي لکيل آهي ته توهان سان گڏ پُرامن ساٿي نٿا اچي سگهن. هُن چيو ته نيب آڏو پيشيءَ جي موقعي تي حڪومت ۽ عمران خان طرفان پ پ ڪارڪنن تي حملا ڪرايا ويا، واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو ويو.

بلاول وزير داخلا اعجاز شاهه تي به تنقيد ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان سازش تي لهي آيو آهي ۽ هو چاهي ٿو ته ملڪ جي سمورن ادارن تي قبضو ڪري ۽ ون پارٽي رول لاڳو ڪيو وڃي، عوام کي محسوس ٿي ويو آهي ته عمران خان ۾ تبديلي جي اهليت نه آهي، هُن تبديلي جي نالي تي عوام کي دوکو ڏنو آهي. حڪومت پنهنجي نالائقي لڪائڻ لاءِ سازشون شروع ڪري ڇڏيون ۽ قوت جو استعمال ڪري رهي آهي. اسلام آباد ۾ پيرسن، ٻارن ۽ عورتن تي تشدد ڪيو ويو، اسان تشدد واريون وڊيوز گهرايون آهن ۽ قانوني ماهرن سان مشوري بعد ضروري ڪاروائي ڪنداسين. هن چيو ته جيئن هر آمر جو قانون ڪارو هوندو آهي، تيئن نيب جو قانون به ڪارو قانون آهي، هي ادارو سياسي انتقام ۽ انجنيئرنگ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته  نيب جي آفيس ۾ 20 منتن تائين پُڇاڳاڇا ڪئي وئي ۽ هڪ سوالنامو به ڏنو ويو آهي جنهن بابت وڪيلن سان مشورو ڪري جواب ڏيندس.
هڪ سوال جي جواب ۾ پ پ چيئرمين چيو ته پيپلز پارٽي کي ملڪ ۾ ٿيندڙ هر سازش نظر اچي رهي آهي، نيب چيئرمين کي تڪراري انٽرويو نه ڏيڻ گهرجي ها پرهن ڏئي ڇڏيو ۽ انٽرويو جي ٻن ڏينهن کانپوءِ وزيراعظم هائوس جي معاون جي چئنل تان نيب چيئرمين جي حوالي سان وڊيو هلائي وئي. اسان اڳ ئي چيو هو ته حڪومت نيب کان شروع ٿئي ٿي ۽ نيب تي ئي ختم ٿئي ٿي، پي ٽي آءِ جي حڪومت نيب جي ڪري ئي بيٺل آهي. اسان مطالبو ڪيون ته نيب چيئرمين جي وڊيو جي حوالي سان وزيراعظم جي خصوصي معاون کان به جاچ ڪئي وڃي، وزيراعظم پنهنجي معاون کي هٽايو ته ايترو ته مڃيو ته هو ملوث هو.

پهنجو تبصرو موڪليو