سياسي جلسي ۾ شرڪت،نگران وزير عهدي تان فارغ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه جي ٽرانسپورٽ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي نگران وزير شاهد خٽڪ کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.شاهد خٽڪ نوشهره ۾ سياسي تقرير ڪئي هئي جنهن ۾ هن پرويز خٽڪ ۽ مولانا فضل الرحمان تي تنقيد ڪئي هئي.تنقيد ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن نگران ڪي پي ڪي جي وزير شاهد خٽڪ کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته شاهد خٽڪ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو هڪطرفو قرار ڏئي ڇڏيو. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي کي به خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته نگران حڪومت چونڊ عمل تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪندي ۽ اها اميد پڻ ظاهر ڪئي ته سمورين سياسي ڌرين کي برابري جو موقعو ڏنو ويندو.اليڪشن ڪميشن پنجاب جي نگران حڪومت کي به هدايت ڪئي آهي ته ڪنهن به نگران وزير کي چونڊ مهم ۾ شرڪت جي اجازت نه آهي. ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو