سياحت جي صنعت کي 320 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته ڪورونا سبب دنيا ۾ سياحت جي صنعت کي 320 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. هن پاليسي بريفنگ ڏيندي چيو ته عالمي معيشت ۾ سياحت سان لاڳاپيل ايڪسپورٽ ٽئين نمبر تي آهن. هلندڙ سال جي ابتدائي 5 مهينن ۾ هن صنعت کي ڪافي نقصان ٿيو ۽ 12 ڪروڙ ملازمتون متاثر ٿيون. هن چيو ته دنيا ۾ هر 10 نوڪرين مان هڪ ملازمت هي شعبو فراهم ڪري ٿو ۽ ڪروڙين ماڻهن جي جياپي جو ذريعو به آهي. هن چيو ته امير ملڪ هجن يا اسرندڙ، ترقي پذير، ننڍا، ۽ ٻيٽ جن جي آمدني جو مک ذريعو سياحت آهي انهن سڀني ڀوڳيو آهي ۽ اهڙن سياحتي ٻيٽن وارن ملڪن لاءِ ايمرجنسي واري صورتحال آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو