سوڊان ۾ فوجي بغاوت، وزيراعظم سميت اهم اڳواڻ گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سوڊان ۾ فوج بغاوت ڪندي اقتدار تي قبضو ڪري ورتو آهي، وزيراعظم عبد الله همدوڪ پاران فوجي بغاوت جي حمايت نه ڪرڻ تي کيس گرفتار ڪري نامعلوم جاءِ تي منتقل ڪيو آهي. ڪيترن ئي سينئر حڪومتي ۽ رياستي عملداران کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. وزارت اطلاعات چي آهي ته فوج انٽرنيٽ بند ڪري ڇڏي آهي، رياستي ٽي وي چينل تي قومي گيت ۽ نيل ندي جا منظر پيش ڪيا پيا وڃن. امت پارٽي ۽ وزارت اطلاعات عوام کي احتجاج جي اپيل ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو