سوشل ميڊيا تي جنت مرزا ۽ بشريٰ انصاري آمهون سامهون

لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪاره بشريٰ انصاري ۽ ٽڪ ٽاڪ اسٽار  جنت مرزا سوشل ميڊيا تي آمهون سامهون اچي ويا. تازو ئي ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا جي خلاف مسيحي برادري جذبات مجروح ڪرڻ تي ايف آءِ اي ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جنت مرزا ڪرسچن ڪميونٽي جا مذهبي جذبا مجروح ڪرڻ لاءِ گرفتار ڪيو وڃي.اداڪاره بشريٰ انصاري جنت مرزا جي خلاف درخواست داخل ٿيڻ تي رد عمل ڏيندي ان مٿان تنقيد ڪئي آهي ۽ کيس جاهل اسٽارز قرار ڏيندي چيو آهي ته افسوس هنن کي نه اسلام جي خبر آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻئي مذهب جي. بشريٰ انصاري جو اهو تبصرو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي.جنت مرزا بشريٰ انصاري کي جواب ڏيندي چيو آهي ته امان جي(آنٽي بشريٰ) مهرباني ڪري ڪجهه ڄاڻڻ کان سواءِ ڪنهن جي باري ۾ فيصلو نه ڪريو. مان اوهان جي گهڻي عزت ڪندي آهيان پر حقيقت ڄاڻڻ کان سواءِ ڪنهن کي  اهڙي طرح سان بدنام نٿو ڪري سگهجي. اسلام جي ڳالهه اوهان ڪيئن ڪري سگهو ٿا. آنٽي اوهان ڪا تبليغي پارٽي ته نه هلائي رهيا آهيو.جنت مرزا وڌيڪ لکيو ته  اوهان به گانا ڳائينديو آهيو، ڊانس ڪنديون آهيو، ايوارڊ شوز تي ڊانس پرفارمنس اوهان ڪيا. پر اڄ ٻين تي تنقيد؟ واهه اڄ احساس ٿيو واقعي اوهان وٽ دل نه آهي. مان بس ايترو چوندس ته ڪنهن تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ پنهنجي گريبان ۾ ضرور ڏسو. وقت ڪڍي  پهريان حقيقتون ڏسو پوءِ تنقيد ڪريو. الله خوش رکي اوهان کي امان جي.

پهنجو تبصرو موڪليو