ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سوات جي علائقي چارباغ جي رهواسين ۽ ڪجهه مسجدن جي امامن گذريل ڏينهن چارباغ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڇوڪرين کي ڪرڪيٽ کيڏڻ کان روڪيندي چيو ته علائقي ۾ عورتن جي ڪرڪيٽ ۾ شرڪت کي نا انصافي ۽ نامناسب سمجهيو ويندو آهي. 12 ورهين جي رانديگر عائشه اياز تعلقي ڪبل ۽ بابوزئي جي علائقن جي ڇوڪرين جي ٽيمن ن وچ ۾ ميچ ڪرائي هئي پر راند شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ڪجهه مسجدن جا امام ۽ بزرگ گرائونڊ ۾ پهچي ويا ۽ ڇوڪرين کي راند ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو. ڊان اخبار جي رپورٽ موجب اکين ڏٺي شاهد سعيد اقبال جو چوڻ هو ته جڏهن مختلف علائقن مان ڇوڪريون ميچ لاءِ گرائونڊ ۾ گڏ ٿيون ته ڪجهه مذهبي ماڻهو اتي پهچي ويا ۽ ڪاوڙ ۾ اچي رانديگرن ۽ آرگنائيزر کي ڌمڪي ڏني ته هو ڇوڪرين جي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت نه ڏيندا. علائقي واسي اياز نائڪ جو چوڻ آهي ته سوات ۾ ٽيلنٽيڊ ڪرڪيٽر ڇوڪريون آهن ۽ سندس ڌيءَ ميچز ڪرائڻ جو انتظام ڪيو. مذهبي ماڻهن پاران راند روڪرائڻ کي هو غلط ٿو سمجهي.
