سنڌ ۾ پ پ اڳتي، ايم ڪيو ايم 28 ۽ آزاد 13 سيٽن تي ڪامياب

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ اسيمبلي جي مڪمل 130 تڪن جا غير حتمي نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن. غير حتمي نتيجن موجب سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ 84 سيٽن تي ڪامياب ٿي. ايم ڪيو ايم پاڪستان 28 سيٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. آزاد اميدوارن 13 سيتون کٽيون. جماعت اسلامي ۽ جي ڊي اي 2-2 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ويا.پاڪستان پيپلز پارٽي بلوچستان ۾ 11 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي جنهن کان پوءِ پ پ بلوچستان صوبي ۾ سڀني کان وڏي پارٽي بڻجي سامهون اچي وئي آهي. نوازليگ 9 ۽ جي يو آءِ(ف) 8 تڪن تي ڪامياب ٿي آهي. بلوچستان ۾ 5 تڪن تي آزاد اميدوارن ڪاميابي ماڻي آهي. جڏهن ته بي اي پي 4، اي اين پي ۽ نيشنل پارٽي به 2-2 سيٽن ۾ ڪاميابي ماڻي.

پهنجو تبصرو موڪليو