سنڌ ۾ عيدالاضحيٰ جي هڪ موڪل ختم

سنڌ ۾ عيدالاضحيٰ جي هڪ موڪل ختم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت عيدالاضحيٰ جي موڪلن جو نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 26 مئي کان 28 مئي تائين موڪلن جو اعلان ڪيو آهي. هن حوالي سان جاري ڪيل نئين نوٽيفڪيشن موجب 9 کان 11 ذوالحج 1447 هجري تي عام موڪل هوندي.نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عيدالاضحيٰ تي ڏنيون ويندڙ موڪلون 4 ڏينهن مان گهٽ ڪري 3 ڏينهن ڪيون ويون آهن.واضح رهي ته ان کان اڳ سنڌ ۾ سرڪاري طور تي عيدالاضحيٰ جي 4 ڏينهن جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو هو.22 مئي (جمعو) تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو هو ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 26 مئي کان 29 مئي تائين موڪلون هونديون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو