سنڌ ۾ ست ڏينهن واري پوليو مهم 7 آگسٽ کان شروع ٿيندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ست ڏينهن واري پوليو مهم 7 آگسٽ کان شروع ٿيندي، جنهن دوران سڄي صوبي ۾ 3 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.صحت کاتي جي صوبائي ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليو خلاف ستن ڏينهن واري مهم 7 آگسٽ کان سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ شروع ٿيندي جيڪا 13 آگسٽ تائين جاري رهندي.ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليو خلاف مهم دوران 30 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. 14 هزار رضاڪار گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندا.هن چيو ته ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ پوليو خلاف مهم هلائي ويندي، پر اوڀر ضلعي ۾ پوليو جا ڦڙا نه پيارڻ جون شڪايتون سڀ کان وڌيڪ آهن.سندس چوڻ آهي ته ڪراچي سميت حيدرآباد، ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي ۾ پوليو خلاف مهم هلائي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو