سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جا وڌيڪ نوان ذخيرا دريافت

سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جا وڌيڪ نوان ذخيرا دريافت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ماڙي پيٽروليم گهوٽڪي ضلعي جي شهر ڏھرڪي ۾ گئس ۽ تيل جا نوان ذخيرا دريافت ڪيا آهن.ماڙي پيٽروليم طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته تيل ۽ گئس جي دريافت سنڌ جي شهر ڏھرڪي ۾ ڪئي وئي آهي ۽ نئين دريافت سان روزاني 25 لک ڪيوبڪ فوٽ گئس پيدا ٿيندي جڏهن ته 1040 بيرل خام تيل حاصل ڪيو ويندو.بيان موجب ماري فيلڊ جي کوهه شوال ون ۾ تيل جا اهم ذخيرا دريافت ٿيا آهن، شوال ون تي ڪم 27 جنوري 2024ع کان شروع ڪيو ويو هو. ماڙي پيٽروليم جو چوڻ آهي ته کوهه کي ڪاميابيءَ سان 1136 ميٽرن جي اونهائي ۾ کوٽيو ويو. ماڙي پيٽروليم جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر (ايم ڊي) فهيم حيدر ان دريافت کي ڪمپني جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن لاءِ هڪ شاندار ڪاميابي قرار ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو