سنڌ ۾ بدامني جو راڪاس آخر ڪيستائين ؟

سنڌ ۾ بدامني جو راڪاس آخر ڪيستائين ؟

خاصخيلي لطيف راولاڻي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سنڌ جي ڪجھ ضلعن ۾ ڪافي سالن کان مسلسل بدامني جو راڪاس رقص ڪري رھيو آھي، جنھن جي ڪري اتي جي زندگي مفلوج ٿي وئي آھي، ڇاڪاڻ جو اھي ماروئڙا ٻٽي ظلم جو شڪار آھن. ھڪ ته ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ گھوٽڪي ۾ ڌاڙيلن جو آزار ايترو ته وڌي ويو آھي جو ان کي پوليس انتظاميه ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا به ٻنجو نه ڏيئي سگھيا آھن. اھي مڪمل طور تي انھي ڏس ۾ ناڪام ويا آھن جو ڌاڙيلن جو آزار گھٽ ٿيڻ جي بجاء اڃان به وڌي رھيو آھي. اڳ ته رات جي اونداه ۾ اھڙيون ڪاروايون ٿينديون ھيون پر ھاڻي ڏينھن جي روشني ۾ کلي عام دھشت وحشت طاري ڪري شريف ماڻھن کي اغوا ڪري ڌاڙيل کڻي ٿا وڃن. سوشل ميڊيا ذريعي مغويء جي تشدد ڪندي ويڊيو وائرل ڪئي ٿي وڃي، جيڪا عام ء خاص ماڻھن تائين ته پھچي ٿي پر سمورا ادارا به ڏسن ٿا. ھاڻي ته جديد ٽيڪنالاجيءَ ذريعي آسانيءَ سان ويڊيو وائرل ڪندڙن جو پتو لڳائي سگھجي ٿو پر پوءِ به ڪجھہ نٿو ڪيو وڃي. پوليس ۽ ضلعي انتظاميه خاموش تماشائي بنيل آهن. جيستائين ڀنگ نٿو ادا ڪيو وڃي تيستائين مغوي کي ڪونه ٿو آزاد ڪيو وڃي. تازو گھوٽڪي جي علائقي حسين ٻيلي مگسي مان ھڪ شريف پڙھيل ڳڙھيل نوجوان کي اغوا ڪيو ويو، جيڪو ھڪ مھينو گذرڻ جي باوجود آزاد نه ٿي سگھيو، آخرڪار مٽن مائٽن قرض کڻي ڀنگ جي رقم ادا ڪئي ته کيس آزاد ڪيو ويو.
اھڙا تمام گھڻا واقعا اڄ به رونما ٿين پيا سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر جي مافيا به تمام پراڻي آھي، جيڪا صورتحال ورھاڱي کان اڳ به موجود ھئي پر ان جي نوعيت ڪجھ ٻي ھئي جو ان دور ۾ ناليوارا ڌاڙيل ھوندا ھئا پر اھي عام ماڻھن، مسڪين ۽ بي پھچ ماڻھن کي تنگ نه ڪندا ھئا پر ان جي ابتڙ ھو غريب مسڪينن جي مالي دد ڪندا ھئا پر ھاڻي صورتحال ان جي برعڪس آھي. ڪجھ ڳجھن اطلاعن جي ذريعن وٽان معلومات ملي ٿي ته حد جا بااثر وڏيرا ڀوتار انھن ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪن ٿا، کين ھر ممڪن مدد به فراھم ڪن ٿا ۽ کين ضرورت پوڻ تي ھنن کي پنھنجي جائز ناجائز مقصدن لاء به استعمال ڪن ٿا، جنھن جي ڪري سنڌ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر ڏينھون ڏينھن مضبوط ٿيندو پيو وڃي. ڪٿي وري انھن کي سرڪاري آشيرواد به حاصل ھوندو آھي جو سرڪار کي به پنھنجن محافظن بدران اھي ڌاڙيل ڪتب ايندا آھن. ان سان صرف سنڌ جي غريب ڏتڙيل عوام جو نقصان ٿي رھيو آھي پر اھي ميڊيا تائين ڪونه ٿا پھچن جو اسان جي ميڊيا تي به پھرا آھن. سچ ۽ حقيقت کي وائکو ڪرڻ به پنھنجو پاڻ کي جنجال ۾ وجھڻ جي برابر آھي، انھي جي ڪري نه صرف عوام پر اتي جو باشعور سماجي اڳواڻ ۽ صحافي ليکڪ به محفوظ نه رھيو آھي. گذريل پنجن سالن جي تاريخ کولي ڏسون ٿا ته ھنن سردارن ڀوتارن جي ڪاري ڌنڌي کي وائکو ڪرڻ تي ڪافي تعداد ۾ صحافي انھن جي ظلم جي ور چڙھي پنھنجي حياتي تان ھٿ کڻي ويا آھن، جنھن به صحافي سچ لکيو ته کيس گوليءَ جو کاڄ تي بڻجي ويو. ان کان اڳ ۾ به ڪافي صحافين کي سچ لکڻ ۽ ڳالھائڻ تي اھڙي ئي سزا ملي آھي جن جو تفصيل ڊگھو آھي۔
ان کان علاوه سنڌ ۾ مذھبي ملن پنھنجن مفادن لاء سماج سڌارڪن جي خلاف کليل جنگ جوٽي ڏني آھي، جنھن جو شڪار عمر ڪوٽ جي سرڪاري ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ٿيو، جنھن تي ڪوڙو الزام مڙھي کيس پوليس جي ھٿان سخت تشدد ڪري ماريو ويو ايستائين جو مرڻ کان پوء ان جي لاش کي به ساڙيو ويو، جنھن کي وڌيڪ سڙڻ کان بچائڻ لاء ھڪ ھندو سنڌي اڳتي وڌي آيو، جن جو ڪم لاش کي ساڙڻ ھوندو آھي پر ان انسانيت جو ڪم ڪندي لاش کي بچائي ان کي دفنايو۔اھڙو ته ڏھڪاء خوف ھراس پکڙيو ويو آھي جو باقي رھيل سنڌي ھندو به ٻيھر لڏپلاڻ ڪري رھيا آھن۔جيڪي اتر سنڌ مان ڪافي سال اڳي به ھزارن جي تعداد ۾ ھندو سنڌي لڏپلاڻ ڪري سنڌ خالي ڪري پنھنجا اباڻا صدين جا ڪک ڇڏي ڪري انڊيا وڃي چڪا ھئا۔ باقي رھيلن کي ٻيھر تنگ ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ بدامني جو راڪاس ٻيھر ڪر کڻي رھيو آھي. اڳي ته ڪجھ ضلعا ھئا پر ھاڻي پوري سنڌ انھي جي ور چڙھي وئي آھي۔ موجوده حڪومت ۽ ان جا ذيلي ادارا انھي ڏس ۾ ڪوبه ٻوٽو ٻاري نه سگھيا آھن، ويتر ڏينھون ڏينھن اڃان به وڌيڪ حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن. سياسي تنظيمن سول سوسائٽي جي ميڙاڪن تي به موچڙن جا وسڪارا جاري آھن ان کان علاوه نوجوانن جي کنڀجڻ جا واقعا به روز بروز رونما ٿين پيا ڪن کي ته گم ٿو ڪيو وڃي ته ڪن نوجوانن جا مھيني کان پوء لاش جي صورت ۾ کين ظاھر ڪيو وڃي ٿو ۔اھڙي صورتحال آخر ڪيستائين جاري رھندي شريف مسڪين عام ماڻھو پنھنجي گھر ۾ ئي محفوظ ڪونھي اڃان تائين سون جي تعداد ۾ سنڌي نوجوان لاپته آھن انھن جي ڪابه خبر ڪونھي ڪٿي آھن عدالتن جا در به کڙڪايا ويا آھن مظاھرا احتجاج به ڪيا ويا آھن پر انھن جو ڪوبه ڏس پتو ڪونھي ۔ملڪ جي ٻين صوبن کان علاوه خاص طور تي سنڌ ۾ تمام گھڻي بدامني وڌي رھي آھي جنھن جو ڪوبه تدارڪ ڪونه ٿو ڪيو وڃي ۔

پهنجو تبصرو موڪليو