سنڌ جي نقصان لاءِ نسل پرستن کي لاٿو ويو، قادر مگسي

دڙو (امداد ميمڻ)  عالمي سازش تحت سنڌ جي وحدت کي نقصان پھچائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم، پي ٽي آئي ۽ ٻيون نسل پرست تنظيمون ميدان تي لٿل آھن. وفاق سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي سنڌ کي ڀڙڀانگ بنائي سنڌين کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي. لاڙ خطي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب ھنگامي حالتون پيدا ٿي ويون آھن. سنڌين کي پنھنجن حقن جي حاصلات لاءِ پ پ، پي ٽي آئي ۽ ٻين سنڌ دشمن پارٽين کي ڇڏي سنڌ دوست ڌرين جو ساٿ ڏيڻ گھرجي. اھڙو اظھار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي دڙي لڳ ڳوٺ عثمان مگسي ۾ اڪبر خان مگسي، ڏتل خان مگسي، اقبال مگسي ۽ ٻين پاران ڪرايل جلسي عام کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن چيو ته پيپلزپارٽي، پي ٽي آئي، نوازليگ وچ ۾ فقط اقتدار جي جنگ آھي. عمران خان جي تبديلي واري سوچ ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي. عمران خان عالمي قوتن جي اشاري تي نسل پرست تنظيمن سان گڏجي سنڌ تي قبضو ڪرڻ گھري ٿو. دنيا ۾ قدرتي وسيلن سان سڀ کان وڌيڪ مالا مال خطي سنڌ جا نوجوان بيروزگارين سبب خودڪشيون ڪري رھيا آھن. ھتان جي اصل ڌرتي ڏڻين جي حالت ريڊ انڊين کان به بدتر آھي. ھن چيو ته اوھان جي ووٽن تي چونڊيل پيپلزپارٽي جا ايم اين اي، ايم پي اي ضلعي توڙي ٽائون يونين ڪائونسلن جا نمائندا ارب پتي بنجي ويا آھن. انھن ڪرپشن سبب دبئي, آمريڪا ۽ لنڊن سميت ٻين ملڪن ۾ پنھنجا محل ٺھرائي ڇڏيا آھن. ھن چيو ته سنڌ جي تعليم، اسپتالون تباھ آھن ۽ سنڌ جو عوام گٽرن جو مليل گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آھي. سڄي سنڌ سميت لاڙ خطي جي پوڇڙ جو عوام پاڻي جي ڦڙي لاءِ ترسي رھيو آھي ۽ حڪمران اڃا به سنڌ کي وڌيڪ ڀڙڀانگ بنائڻ لاءِ بضد آھن. ھن چيو ته پ پ جي آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ جي عوام جي دردن ۽ ڏکن جي ڪھڙي خبر! انھن محلن مان ٻاھر نڪري ڪڏھن به انھن جي حالت کي ناھي پرکيو. ھاڻي سنڌين کي پنھنجي سوچ بدلائي وڏيرن ۽ جاگيردارن مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ پ پ، پي ٽي آئي، نواز ليگ سميت سنڌ دشمن پارٽين کي ڇڏي ڪري ايس ٽي پي جو ساٿ ڏيڻ گھرجي. واعدو ٿو ڪريان ته عوام کي ھنن ڦورن، جلادن ۽ ڌاڙيلن مان ايس ٽي پي جان ڇڏائيندي. ان کان اڳ اڪبر خان مگسي آجياڻي تقرير ڪئي ۽ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ سبحان مگسي، سجاول ضلعي صدر عبدالغني ملاح، عبدالڪريم پليجو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏھن ته اعجاز اختر سومرو، منور ميمڻ، وفا مشتاق لاشاري، عبدالقيوم مگسي، راول مھيشوري، عرس ڪنڀار، حاجي محمد الرحيم مگسي، شفيع، محمد عثمان مگسي سميت ايس ٽي پي جي ڪارڪنن ۽ آسپاس جي سوين ماڻھن شرڪت ڪئي. جڏھن ته لائقپور، ٻنون، موالي موري، ڊڀو موري ۽ ڀرپاسي جي 2 سئو کان وڌيڪ ماڻھن ڊاڪٽر قادر مگسي جي قيادت تي مڪمل اعتماد ڪندي ايس ٽي پي ۾ شموليت جو اعلان.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو