سنڌ کي حصي مان 90 ارب رپيا گهٽ مليا،مراد شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيوآ هي ته صوبي جا 85 سيڪڙو وسيلا وفاقي حڪومت کان اچن ٿا پر وفاقي حڪومت سنڌ کي پورو مالياتي حصو نٿي ڏئي، ان ڪري سنڌ ۾ مالي بحران پيدا ٿئي ٿو. وفاقي حڪومت جي نااهلي جو نقصان صوبن کي ٿئي ٿو. وفاقي حڪومت کي 10 مهينن ۾ سنڌ کي624 ارب ملڻا هئا پر 544 ارب ڏنا ويا آهن اهڙي طرح 90 ارب رپيا سنڌ کي گهٽ پئسا ڏنا ويا آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ جي مالياتي حصي مان ڪٽوتي ڪرڻ وفاق جي عادت بڻجي وئي آهي. پ پ جي وفاقي حڪومت ۾ ناڻي جو وزير رهندڙن کي موجوده حڪومت ناڻي وارو وزير بڻائي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي پگهارن ۽ پينشن جو خرچ پنجاهه ارب روپيا آهي، سال ۾ ڇهه سئو ارب بڻجن ٿا. هن سال به پگهارون وڌائڻ تي سوچي رهيا آهيون. فيبروري 2020 ۾ ڪورونا جو پهريون ڪيس ظاهر ٿيو، مارچ مهيني ۾ اسان لاڪ ڊائون هنيو ان ڪري ڪورونا گهٽ پکڙيو ، سنڌ جيتريون ٽيسٽون ڪيون ايتريون ڪنهن به صوبي ۾ ناهن ٿيون ، ڪراچي جي ٽن ضلعن ۽ حيدرآباد ۾ پازيٽيو جو ريشو ڏهه سيڪڙو آهي، اسان بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جو چيو پر ان وقت ڳالهه نه مڃي وئي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ سهولتون هجڻ جي ڪري ڪورونا وائرس جا ڪيس گهٽ آهن، ماڻهو به گهٽ فوت ٿيا آهن ۽ صحتياب به وڌيڪ ٿيا آهن. وڏي وزير چيو ته پي ايس ڊي پي ۾ سنڌ جي منصوبن لاءِ تمام گهٽ حصو ڏنو ويو آهي .2012ع ۾ سنڌ کي 15 ارب رپيا، 2017ع ۾ 6.7 ارب رپيا منصوبن لاءِ سنڌ کي ڏنا ويا، 2018-19 ع ۾ 24 ارب سنڌ کي مليا، هن سال 8.3 ارب رپيا رڳو سنڌ کي پي ايس ڊي پي ۾ حصو ڏنو ويو آهي. وزيراعظم کي 3، 4 خط لکيا آهن ته ڄامشوري کان سيوهڻ روڊ منصوبي کي مڪمل ڪيو وڃي پر مڪمل نٿو ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت ان منصوبي لاءِ 2017ع ۾ 7 ارب رپيا ڏنا پر هن وقت 4 سالن ۾ به اهو منصوبو مڪمل ناهي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو