دادو(ن سنڌيار)دادو ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرين ماروئڙن جي مدد لاءِ سنڌ پوليس پاران امدادي ڪئمپ قائم ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون ڪئمپ جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون چيو ته هن وقت ضلعي دادو ۾ قيامت صغران جا منظر آهن، هزارين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن لکين خاندان دربدر ٿي ويا آهن ڪئمپ لڳائڻ جو مقصد دادو جي واپاري،دوڪاندار ۽ وس وارن کي هن خير جي ڪم ۾ اپيل ڪرڻ آهي جتي جتي ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڪوبه ڦاٿل آهي ان بابت به هن ڪئمپ تي اطلاع ڪري سگهجي ٿو ته جيئن پوليس ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪري سگهي










