پوليس اهلڪارن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس جي سمورن اهلڪارن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.صوبائي حڪومت سنڌ پوليس جي اهلڪارن لاءِ ڊاڪٽرن جيان عمر جي حد ختم ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ هاڻ سنڌ جي سمورن پوليس اهلڪارن کي ويڪسين  لڳندي. ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پوليس جا اهلڪار به فرنٽ لائن ورڪرز آهن ۽ اسان کي پوليس اهلڪارن کي ويڪسين لڳائي محفوظ بنائڻو آهي.واضح رهي ته سنڌ ۾ هن وقت ڪورونا  وائرس جي صورتحال ملڪ جي ٻين حصن جي مقابلي ۾ وڌيڪ خراب آهي ۽ صوبائي حڪومت اڄ رات 8 وڳي کان پوءِ غير ضروري گهرن مان ٻاهر نڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري رکيو آهي.جڏهن ته سموري ملڪ ۾ ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جو سلسلو تيزي سان جاري آهي. پاڪستان ۾ 30 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو