سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص بئنچ جي گهُرج ۽ گورننس!

سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص بئنچ جي گهُرج ۽ گورننس!

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

حڪومتون ڪهڙيون به هجن، انهن وٽ عوامي سهولتن ۽ مفادن کي مدنظر رکندي ذميواريون نڀائڻ قانوني فرض هوندو آهي، حزب اقتدار هجي يا ناراض راهن تي هلندڙ هجن، سي به اِهي ئي نعرا لڳائيندا ۽ دعوائون ڪندا آهن ته عوامي اُمنگن خاطر سڀ ڪجهه قربان ڪري رهيا آهيون، پر افسوس اِهو آهي ته اسان وٽ حڪومتن کان وٺي انتظاميا تائين پوءِ ڇونه اُها ڪهڙي به کاتي سان تعلق رکندڙ هجي پر اڄ عوام جي خواهشن تي پورو لهڻ بدران ان کي طرح طرح جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسايو پيو وڃي. پاڻ پڙهيو ڏٺو ۽ ٻڌو به آهي ته اڄ جي دور ۾ جيڪا حڪومتي روش هلي رهي آهي، سا ته انهي انگريزن جي دور يا ان کان اڳ جيڪي حاڪم رهيا، تن عوام سان به اهڙيون زيادتيون ۽ ناانصافيون ڪونه ڪيون، جيڪي اڄ پاڻ ڀوڳي رهيا آهيون. ڪجهه ڏينهن پهريان اقتداري جماعت جي هڪ مکيه نمائندي سان ڪنهن هنڌ ملاقات ٿي ۽ تعارف ٿيڻ کانپوءِ همراهه ڏاڍو جوشيلو ٿيندو پئي ويو ۽ چيائين ته ادا چڱا ڀلا لکندڙ، ليکڪ خبر ناهي الائي جي ڇا لکي ۽ چئي ويا، اوهان وَڪيل صاحب پنهنجي انرجي ختم نه ڪريو، ٿيڻو اُهو ئي آهي جيڪو ٿيندو رهندو ۽ ٿي پيو. آئون انهي ذميوار نمائندي جي چهري طرف ڏسندو رهيس ۽ کيس ٻڌندو به رهيس، جڏهن هُن پنهنجي تقرير پوري ڪئي ته هُن جي جوشيلي انداز جو جواب ته مون اهڙو ڏنو جيڪو شايد هو زندگي ڀر ڪونه وساري سگهندو ۽ آخر ۾ هڪ شعر به ٻڌايومانس ته ڀوتار توهان ڀلي جيڪو وڻيوَ وڃي ڪريو پر منهنجون هي سٽون ٻُڌ ۽ ياد به ڪجانءِ.

حقيقت جي راهن کي رُلندي ڏٺم،

سچائي کي سولي تي چڙهندي ڏٺم،

زنده ضميرن کي مرندي ڏٺم،

غيرت جي ٻيڙن کي ٻُڏندي ڏٺم،

تڏهن دِل ۾ خيال آيم ته ڪجهه لکان!

همراهه منهنجون سٽون ٻڌي ڏاڍو وائڙائپ جو شڪار ٿي ويو ۽ چيائين ته ادا وڪيل صاحب بس اوهان ڏاڍا آهيو، وري چيومانس ته سائين اوهان اڄ مهانگائي، پاڻي جي کوٽ، وفاقي حڪومتن جي ٻه اکيائي ۽ مختلف نعرا کڻي اسان لاوارثن سان گڏ روڊن تي نڪتا آهيو، اوهان کي اهڙي تڪليف ڪرڻ جي ڇا ضرورت آهي. اوهان لاءِ مرشد لطيف سرڪار جون ڪجهه سِٽون پيش ڪريان ٿو ته همراهه اڃا وڌيڪ مون کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. بعد ۾ چيو مانس ته گذريل 14 سالن کان سنڌ جي ماڻهن کي دربدر ڪيو اٿوَ ۽ ايندڙ وقت ۾ سمجهو ٿا ته عوام سندن ڳالهائڻ لاءِ به تيار ڪونه هوندو، ان ڪري اوهين اڄ هي سڀ ڪجهه خانه پوري ڪرڻ لاءِ احساس ڏياريو پيا پر ڀوتار سائين اڄ سنڌ جو ٻچو ٻچو سمجهي چُڪو آهي. اسين لاوارثن لاءِ احتجاج ته قسمت ۾ لکجي چُڪو آهي ۽ لکيل ئي رهندو. جيستائين هن ملڪ خاص ڪري صوبي سنڌ ۾ ڪو انقلاب نه ٿو اچي توهان پنهنجو وقت نه وڃايو، اڄ جيئن اوهان جي نظرن ۾ اسان جو لکڻيون چوڻيون ۽ زميني حقيقتون اهميت نه ٿيون رکن، تهڙي طرح اوهان جيڪو ڪشمور کان ڪراچي تائين ڏاڍا جوشيلا نعرا هڻي عوام اڳيان ايندڙ اليڪشن لاءِ رستو ٺاهي رهيا آهيو، اڄ اوهان جو اِهو احتجاج سنڌ جي هر باشعور ۽ باضمير ماڻهو لاءِ ٽڪي جي به اهميت ڪونه ٿو رکي. سنڌ صدين کان مالا مال صوبو آهي، جنهن به رُخ سان ڏسبو گئس، بجلي، تيل، اناج، قدرتي پاڻي، ميوا، فصل، ڀاڄيون يعني دنيا جي خطي ۾ ڪو اهڙو صوبو نه هوندو، جتي هن صوبي جهڙيون لازوال سهولتون هونديون هجن، بس صرف سسٽم کي هلائڻ لاءِ ڪنهن انقلابي ماڻهو جي ضرورت آهي، جيڪو هلائڻ ڄاڻي، اسان جي صوبي جي ذميوار نمائندن ۽ خصوصي انهي کاتي جي ذميوار فردن کي ته پنهنجو ڊپارٽمينٽ هلائڻ به ڪونه ٿو اچي، کين اِها به خبر ناهي ته عوام ڇا گُهري رهيو آهي.

تازو ڪجهه ڏينهن پهريان مون کي ان وقت نه رڳو حيرت ٿي پر ڏک به ٿيو، جڏهن لاڙڪاڻي جي هڪ سرڪاري اسپتال ٻاهران ڪجهه مريض ڊاڪٽرن جي لاپرواهي توڙي جو دوائن جي کوٽ خلاف صوبائي وزير صحت اڳيان احتجاج ڪري رهيا هئا ۽ دانهون ڪري رهيا هُئا ته اسين بي يارو مددگار ويٺا آهيون. هڪ ٽڪي جي به دوا ڪونه ٿي ملي. ان موقعي تي صوبائي وزير صحت کان صحافين جڏهن انهن دانهيندڙ ۽ ماتم ڪندڙ احتجاجين بابت سوال ڪيو ته جواب ۾ هڪ ڊپارٽمينٽ جي صوبائي وزير صاحبه فرمايو ته احتجاجي ماڻهو دوائن جي کوٽ ۽ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي خلاف نه پر هو نوڪرين لاءِ گُهرج ڪري رهيا آهن. ڪيڏي نه بي حسي واري ڳالهه آهي. صوبائي وزير صاحبه اوهان هيترا وڏا ذميوار فرد آهيو، گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن کي ڪجهه ڏيو ته نٿا پر ڏکايو ته نه! يعني هن صاحبه کي اِها خبر ئي نه آهي ته هي ماڻهو ڇو ٿا دانهون ڪن؟ ڇا اوهان ايران جي حڪومتي نمائندن وانگر نوڪرين جا آرڊر گاڏين ۾ کڻي هلو ٿا جو اوهان کان نوڪريون ٿا گُهرن؟ اُها ته ايران جي حڪومت آهي، جتي جيڪڏهن ڪنهن وزير، مشير يا وڏي آفيسر وٽ ڪو ماڻهو دانهن فرياد کڻي ٿو وڃي ته موٽ ۾ جڏهن انهي فريادي کي ٻڌڻ لاءِ گهرايو ويندو آهي ته اُهو وزير، مشير يا بالا آفيسر انهي عام فريادي جي پهچڻ کان پهريان دانهن ٻڌندڙ پنهنجي دفتر ۾ ويهي انتظار ڪندو رهي ٿو ته ڪهڙي وقت اڄ فريادي ايندو. هي آهن حڪومتون ۽ انهن جا ذميوار نمائندا. اسين ته گونگن، ٻوڙن ۽ لاپرواهن جي رحم ڪرم تي پنهنجون زندگيون پيا گذاريون. مون شروعاتي سِٽن ۾ عرض ڪيو ته اِها حڪومتن مٿان ذميواري هوندي آهي ته هو عوامي سهولتن ۽ مفادن خاطر پنهنجو ڪردار نڀائين ۽ عوام به هروڀرو روڊن تي نڪرڻ، احتجاج ڪرڻ، بک هڙتالون ڪرڻ جو شوق نه ٿي رکي، سڀ ڪم مجبوريون ۽ حالتون ڪرائين ٿيون.

سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڄ هي لاوارث عوام پنهنجي جائز حقن خاطر سراپا احتجاج آهي ته اُتي صوبي سنڌ جي پنجن ڊويزنل ميرپورخاص جا وڪيل به گذريل ڪيتري ئي وقت کان عوامي امنگن ۽ مفادن کي سامهون رکندي صوبي جي ٻين ڊويزنل شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ جتي هاءِ ڪورٽون قائم آهن، اُتي هن ڊويزن ميرپورخاص جا وڪيل به پنهنجو آئيني ۽ قانوني حق گُهري رهيا آهن ته هن ڊويزنل هيڊڪوارٽر ۾ به هاءِ ڪورٽ جي عدالت قائم ڪئي وڃي. يقينن ميرپورخاص جي وڪيلن هڪ جائز گهر ڪئي آهي، ڇو ته هن وقت ميرپورخاص، مٺي، عمرڪوٽ توڙي جو سانگهڙ جي ڏورانهن علائقن جا سائلين وڏو اڙانگو سفر ڪري داد رسي لاءِ حيدرآباد جي هاءِ ڪورٽ بئنچ اچن ٿا. جيتوڻيڪ انهن ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽون به موجود آهن. پر اڄڪالهه خدا نه ڪري ڪنهن پريمي جوڙي کي ڪٿان ڪو دڙڪو ملي ته هو به حراسمينٽ لاءِ مقامي عدالت بدران هاءِ ڪورٽ ۾ اچي جاءِ والاري ٿو. خير عدالتن تائين پهچڻ نه رڳو آئيني ۽ قانوني حق آهي پر بهتر فيصلو به آهي. گڏوگڏ ڪيس جي نوعيت ۽ ميرٽ کي غور هيٺ آڻڻ شروعاتي طور تي اسان وڪيلن تي ذميواري عائد ٿئي ٿي. سنڌ جي مختلف هاءِ ڪورٽن ۾ اڳ ئي ڪيسن جو وڏو دٻاءُ آهي. گڏوگڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ اندر ڪجهه ججن جون پوسٽون به خالي آهن، يعني جج صاحبان جو جيڪو تعداد هجڻ گهرجي، اڄ سوڌو اهو گهٽ ٻڌايو پيو وڃي ۽ وري مٿان انهن ننڍن ننڍن معمولي ڪيسن جن هاءِ ڪورٽ جو ٽائيم سيڙايو آهي. سو به انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. هن وقت ميرپورخاص ضلعي سميت دادو، سانگهڙ، نوابشاهه، بدين، عمرڪوٽ، مٺي، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، مٽياري، ڄامشورو ضلعن جا ڪيس ماتحت عدالتن کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ اچن ٿا، خاص ڪري جڏهن سال 2005ع ۾ ان وقت جي صدر پاڪستان پرويز مشرف جيڪي نوان ضلعا ۽ تعلقا ٺاهيا تن جو فائدو ٿيو ڇوته مشرف صاحب کي ته سياسي ڀوتارن جو گهڻو فڪر هو ته جيئن ڀوتار گهر ويٺي صوبائي ۽ قومي جي سيٽون آرام سان کٽي اقتدار ماڻين ۽ کين ايندڙ وقت جي به گهڻي لالچ هُئي، گڏوگڏ هن جون ميريون اکيون ڪراچي مٿان به هُيون ته اتر ۽ لاڙ جي ضلعن کي ٽوڙي گهڻا ضلعا ۽ تعلقا ٺاهي انهن سياسي ماڻهن حوالي ڪريان، پوءِ ڪراچي فروغ نسيم جهڙن ماڻهن حوالي ٿي ويندي، سنڌ جي اترين علائقن ۾ سياسي ڀوتارن کي ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي سيٽ ملڻ کانپوءِ خود ئي ڪُرسي جي نشي ۾ اچي ويندا، هتي ڪراچي جو نئون صوبو تيار ٿي ويندو. مشرف صاحب ۽ سندن اهڙي گُهر ڪندڙن کي اِها خبر نه هُئي ۽ نه آهي ته اڄ ته ڇا پر ايندڙ سئو صدين تائين سنڌ جو غيرتمند ٻچو ٻچو پنهنجو سر ڌڙ کان ڌار ته ڪرائي سگهي ٿو پر ڪراچي کان ڪشمور ۽ قمبر کان الڳ نٿو ڪرائي سگهي.

مون عرض پئي ڪيو ته انهن مڙني ضلعن ۽ ننڍن ننڍن تعلقن جو هاءِ ڪورٽ جي عدالتي ڪاروهنوار جو اچڻ حيدرآباد ۾ ٿئي ٿو، مڃون ٿا ته مٺي ضلعي جي ننگرپارڪر يا انهي تعلقي جي ٻهراڙي جو ماڻهو جيڪو ڪاسبو کان هتي اچي ٿو ته ان کي هڪ پيشي لاءِ به ٻه کان ٽي ڏينهن لڳي وڃن ٿا، موٽ ۾ اِها پڪ ئي ڪونه هوندي آهي ته خبر ناهي ته اِهو ڪاسبو مان آيل سائل جو ڪيس هلندو الائجي نه، هاءِڪورٽ حيدرآباد جي بئنچن تي اڳ ئي ڪيئي پريمي جوڙن ۽ قيدي هارين جا ڪيس هلن پيا، ٿر جا اهڙا اڪثر ڪيس منهنجو دوست وڪيل غلام الله چانگ کڻندو آهي، جيتوڻيڪ هن بار جو سينيئر وڪيل ته ضرور آهي پر انهن علائقن جي ماڻهن خاطر هو گهڻي ڀاڱي مفت ۾ وڪالت ڪندڙ روزانو ڪيترائي ڪيس داخل ڪرڻ جي وڏي مراعت رکي ٿو ته پوءِ اهڙي قسم جي ڪيسن جي تعداد وڌيڪ هجڻ ڪري سالن تائين انهي ڪاسبو عمرڪوٽ جي ڇاڇرو توڙي جو سانگهڙ ضلعي جي کپرو ۽ ٻين ڏورانهن وارن علائقن مان ايندڙ سائلين جا نه رڳو ڪيس هلن ٿا پر گڏوگڏ اُهي ويچارا مسڪين ماروئڙا جيڪي اڳ ئي سورن جا ستايل آهن، ويتر واپس وڃڻ کانپوءِ ته سندن ساهه به سُڪي ويندو هوندو ۽ انهن پري پري جي شهرن ۽ ڳوٺن مان تڪليفون ڪري هزارين روپيا ڀاڙا ڀري هتي پهچن ٿا ۽ ڪيس به نه ٿا هلن ته يقينن انهن جي دِل مان خبر ناهي ڇا گذرندي هوندي.

ميرپورخاص بار پاران گذريل ڪافي وقت کان روزانو احتجاج ۽ هر ڇنڇر تي مڪمل عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري وڪيل توڙي عام ماڻهو گهر ڪري رهيا آهن ته عوامي امنگن توڙي جو خاص ڪري انهي ٿر جي مسڪين ماروئڙن جو ڏٻرو حال ڏسي هن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر ميرپورخاص ۾ هاءِ ڪورٽ جي عدالت قائم ڪئي وڃي، هن وقت جتي صوبي جي مختلف احتجاجي فڪر مڪتب سان تعلق رکندڙ جيئان ميرپورخاص ڊويزن جا وڪيل سراپا احتجاج آهن، جن سان نه رڳو منهنجن ساٿي وڪيل دوستن جو معاشي نقصان ٿي رهيو آهي پر گڏوگڏ ميرپورخاص ڊويزن اندر ڪيسن جي نه هلڻ کانپوءِ قيدي توڙي هر عام ۽ خاص ماڻهو تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي. ضرورت اِن ڳالهه جي آهي جو جتي صوبي جي ٻين چئن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ هاءِ ڪورٽون قائم ڪيل آهن ته اُتي حڪومت کي پنهنجي انهي لڳائيندڙ نعري عوامي مفادن خاطر ڪم ڪرڻ کانپوءِ ڪيل واعدي وفا بعد ميرپورخاص ڊويزن جي عوام جي جائز ۽ قانوني آئيني حقن کي سامهون رکندي سندن هاءِ ڪورٽ جي عدالت جو قيام هنگامي طور ڪرائي نه رڳو ميرپورخاص ڊويزن جي وڪيلن پر عوام ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪرائي وڃي.advocateubedullah@gmaill.com

پهنجو تبصرو موڪليو