سنڌ سان عشق جو سزا وار سيد!

محمد ابراهيم جويو
سيد کي مون پنهنجو روحاني پيءُ سڏيو آهي- اڄ آئون جيئن آهيان، جو ڪجهه بنجي سگهيو آهيان، سو سندن پرورش ۽ سهائتا جي طفيل. حقيقت اها آهي ته ڪنهن ماڻهو جو مانَ يا سندس سڄي فضليت ان ۾ هرگز پوشيده نه آهي ته، هن پنهنجي زندگي ۾ ڇا حاصل ڪيو، بلڪه انهي ڳالهه ۾ آهي ته هن پنهنجي ديس ۽ پنهنجي هم وطنن ديس واسين کي ڇا ڏنو؟ هتي مان ڪجهه سائين جي ايم سيد ۽ جناح صاحب جي حوالي سان اوهان سان ويچار ونڊڻ چاهيان ٿو، جيڪي هن ريت آهن. سائين جي ايم سيد شهيد الله بخش ۽ جناح صاحب کي ملايو، پر ٺاهه نه ٿي سگهيو. شايد ائين کڻي چئجي ته اتان کان ئي سيد ۽ جناح صاحب ۾ اختلافن جي شروعات ٿيڻ لڳي، ڇاڪاڻ جو 16 آگسٽ 1942ع تي جناح صاحب جي گهر ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ جناح صاحب Quit India (ڪئٽ انڊيا) ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي، جنهن ۾ ڪانگريس پاران انگريزن کي هندستان خالي ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو. سائين جي ايم سيد جو ان مرحلي تي مؤقف هو ته ڪانگريس هندستان کي انگريزن کان آجو ڪرڻ چاهي ٿي، نه ڪي مسلمانن کان. اهڙي ٺهراءَ جي مخالفت ڪرڻ سان عالمي سامراج خلاف جدوجهد کي ڌڪ رسندو ۽ ساڳئي وقت ڪانگريس سان ٺاهه جا سڀ رستا به بند ٿي ويندا. جنهن تي جناح صاحب ڪاوڙجي چيو، آئون ڪانگريس سان ڪو ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان. جي ايم سيد جي مؤقف جي راجا محمود آباد، اصفهاني ۽ نواب اسماعيل حمايت ڪئي ۽ هنن جناح صاحب کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کين به جناح صاحب نه ٻڌو، ان ڪري ان موقعي تي سائينءَ پنهنجو اختلافي نوٽ لکرايو. اهڙيءَ طرح سائين اختلافي راءِ جو ڀرپور اظهار ڪندي ان جو پورو حق استعمال ڪيو. انهيءَ کانپوءِ پهرين جون 1942ع تي حُرن جي روحاني اڳواڻ پير صبغت الله شاهه ثانيءَ کي انگريزن خلاف تحريڪ هلائڻ ۽ ساڳئي وقت گوريلا جنگي وسيلن سان مزاحمت ڪرڻ تي سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو ۽ پير صاحب پاڳاري تي تاج برطانيه سرڪار خلاف بغاوت جو مقدمو ۽ ٻين ڏوهن وارا ڪوڙا ڪيس حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ هلايا ويا، جن ۾ پير صاحب کي موت جي سزا ٻُڌائي وئي. ان فيصلي خلاف سائين جي ايم سيد پنهنجن ٻين دوستن سان گڏجي چئلينج ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو، پر جناح صاحب ايئن ڪرڻ کان کيس سختيءَ سان منع ڪئي. سائين جي ايم سيد پير صاحب پاڳاري سان گرفتار ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ پير صاحب، سائين جي ايم سيد تي اهو چٽي نموني واضح ڪيو ته هو مسلم ليگ کي سنڌي مسلمانن لاءِ خطرناڪ ئي نه، پر ضررناڪ سمجهي ٿو ۽ هو سنڌ مان انگريزن جو مڪمل خاتمو ڪرڻ چاهي ٿو. مسلم ليگ جي باري ۾ اهڙي راءِ رکڻ ڪري جناح هرگز نه پئي چاهيو ته پير سائينءَ جي آزاديءَ جي لاءِ مسلم ليگ پاران ڪوششون وٺجن. انهيءَ ڳالهه به سيد ۽ جناح صاحب وچ ۾ اختلافن کي وڌايو. سنڌ جي وزير اعظم غلام حسين ھدايت الله سنڌ کي پنهنجي مرضيءَ سان پئي هلايو، جڏهن ته سيد، سنڌ جي علائقائي مسلم ليگ جي صدر جي حيثيت سان اهو پئي چاهيو ته صوبو سندن يعني سنڌي قوم جي پاليسين موجب هلي. سر غلام حسين انگريزن جي خاص ماڻهو هجڻ ڪري، سيد صاحب ۽ سندس ترقي پسند ساٿ کي لاڳيتو نظرانداز ڪندي، کين تنگ ڪندو آيو. اهڙيءَ طرح 25 جولاءِ 1944ع تي سنڌ اسيمبلي پارٽيءَ جو حڪومت مان ناراض هڪ وفد جناح سان وڃي مليو، جناح صاحب سائين جي ايم سيد کي چيو ته هو سندن شڪايت ٻڌي کيس رپورٽ ڪري. سيد شڪايتون ٻُڌي جناح صاحب کي حقيقت کان آگاهه ڪيو، جنهن تي جناح صاحب جواب ڏيندي چيو: سيد صاحب جنگ جو زمانو آهي ۽ ساڳئي وقت سنڌ جو وزير اعظم (غلام حسين) انگريزن وٽ پسند پيل آهي ۽ مسلم ليگ جون وزارتون به انگريزن جي مدد سان هلي رهيون آهن، ان ڪري توهان کي وزيرن جا اهي ڪارناما برداشت ڪرڻا پوندا. وزارت توهان مون (جناح) وٽ جوابدار آهي، ان ڪري توهان کي صوبائي صدر جي حيثيت سان حڪومتي مامرن ۾ دست اندازي نه ڪرڻ کپي. آئون هر حالت ۾ وزارت کي قائم رکڻ چاهيان ٿو! اها ڳالهه ٻُڌي جي ايم سيد جواب ڏيندي چيو ته آئون اها حيثيت هرگز قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان ۽ نه صوبائي مسلم ليگ جي اڪثريت ۽ مسلم ليگ جو باغيرت گروهه اها ڳالهه قبول ڪندو. جناح صاحب اهو ٻُڌي چيو، آئون اهڙي گفتگو ٻُڌڻ لاءِ تيار ناهيان. ان کانپوءِ سائين جي ايم سيد جواب ڏيندي چيو، سنڌ مان مسلم ليگ جو وفد ۽ آئون اوهان وٽ سنڌ جو ڪيس ان اميد تي پيش ڪرڻ آيا هئاسون ته مسلم ليگ جي وڏي ۾ وڏي جج آڏو پنهنجو نقطئه نگاهه پيش ڪري، انصاف حاصل ڪنداسون، پر مون کي افسوس سان ظاهر ڪرڻو ٿو پوي. ان تي جناح ڪاوڙ ڪندي چيو ته مسلم ليگ جي صدر آڏو اهڙي گفتگوءَ لاءِ معافي وٺ. جنهن جو سيد صاف انڪار ڪيو، تنهن بعد جناح صاحب ڪاوڙجي ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو. اهڙيءَ طرح سائين جي ايم سيد صورتحال کان وفد کي واقف ڪيو، جيڪي ناراض ٿي پارٽي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويا. سائين جي ايم سيد ان مرحلي تي آدرشي سياست ڪرڻ تان نه دستبردار ۽ نه ئي نا اُميد ٿيو. سيد کي پنهنجي سچائي، نيڪ نيتي ۽ پارٽيءَ سان وفاداريءَ سبب مسلم ليگ جي هاءِ ڪمانڊ ۾ اڃان به ڪجهه اُميدون هيون ۽ بعد ۾ شملا ۾ صلاح مصلحت لاءِ پير علي محمد راشدي، يوسف هارون ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ ڪوشش ڪيائين ته ڪانگريس ۽ جناح صاحب وچ ۾ ڪو ٺاهه ٿي سگهي، پر جناح صاحب ڪنهن به صورت تي ٺاهه لاءِ تيار نه هو. اهڙيءَ طرح اتي موجود لياقت علي خان جناح صاحب کي آگاهه ڪيو ته جي ايم سيد ۽ راجا محمود آباد صاحب مون کي ڪانگريس سان سمجهوتي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا. مٿان وري غلام حسين به کيس اچي اهڙي ڪا دانهن ڏني. ان تي جناح صاحب جي ايم سيد کي چيو ته سيد تنهنجو رويو برداشت کان ٻاهر ٿي ويو آهي، بهتر آهي ته پاڻ کي جدا ٿي وڃڻ گهرجي. ان لاءِ سيد صاحب وراڻيو، جيڪڏهن اها ئي ڳالهه آهي ته آئون به تيار آهيان. پر جيئن ته سائين صوفيانه طبع ٿي رکِي، ۽ ڳالهه کي درگذر ڪرڻ ۾ ويساهه هئن، ان گهڙيءَ لاءِ سائين جي ايم سيد لکي ٿو ته ساده دل ۽ ناتجربيڪار هجڻ سبب مسلم ليگ کان جدا ٿيڻ جو ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو، نه ته مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿيڻ لاءِ پاڻ کي جوابدار ٺهرائڻ جو ارمان نه ٿئيم ها. سائين جي ايم سيد هڪ خوددار ۽ ايماندار دل رکندڙ هو، ڪانگريس کي سنڌ جي حق ۾ پيش ڪيل هارين جو بل ۽ قرض چڪتو ٿيڻ جهڙا بل پاس نه ڪرڻ سبب ڇڏيو هو ۽ اهڙن ئي ڪمن کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿي سنڌ جي ماڻهن جي ترقي ۽ ڀلائيءَ جي سپني کي ساڀيان ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، پر اهڙو سپنو مسلم ليگ ۾ اچڻ کانپوءِ ڀورا ڀورا ٿيڻ لڳو هئس. جڏهن جنوري 1946ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيڻ واريون هيون ۽ ان ڪري سنڌ ۾ صوبائي اسيمبليءَ جو پارلياماني بورڊ قائم ڪيو ويو ته اُن بورڊ ۾ جي ايم سيد، سر غلام حسين ۽ ٻين ستن ميمبرن کي کنيو ويو. جڏهن ٽڪيٽن ڏيڻ جو وقت آيو، تڏهن مرڪزي هاءِ ڪمانڊ صوبائي مسلم ليگ جي پارلياماني بورڊ جي صلاح مشوري کان سواءِ سر غلام حسين جي صلاح سان پنهنجن ماڻهن ۾ ٽڪيٽون ورهايون ۽ ساڳئي وقت پارلياماني بورڊ جي ميمبرن پاران ڏنل ٽڪيٽون رد ڪيون. اهڙيءَ طرح مرڪزي مسلم ليگ جي مرڪزي هاءِ ڪمانڊ جو فيصلو نهايت غير مناسب ۽ سراسر ناانصافيءَ تي ٻڌل هو، جيڪا ڳالهه 14 آڪٽوبر 1945ع ۾ مسلم ليگ ڪائونسل جي ٺهراءُ جي خلاف ورزي به هئي. ان بعد جناح صاحب سر غلام حسين جي بنگلي تي اچي مهمان ٿيو، جتي سيد صاحب کيس مسلم ليگ ڪائونسل جي ٺهراءُ کان واقف ڪيو. تنهن تي جناح صاحب کيس ڪاوڙ ۾ اچي چيو، ڪائونسل جا ميمبر بي جوابدار ماڻهن جا ميڙ هئا، جن جو انهن ڳالهين سان ڪوبه واسطو ڪونه هو، ان ڪري هاڻي جدا ٿيڻ جي حد کي اچي پهتا آهيون. هاڻي اها گهڙي اچي پهتي هئي، جڏهن سيد جي سامهون هڪ پاسي جناح ۽ مسلم ليگ ۽ ٻئي پاسي سنڌ ۽ ان جي عوام جو مستقبل هو، جنهن لاءِ پڻ لکي ٿو ته ٻئي طرف منهنجي سنڌ ديس سان محبت هئي، جنهن ۾ ڄائو نپيو هئس، جتي منهنجي ويهن پيڙهين جو قبرستان هو….. سائين جي ايم سيد اهو محسوس ڪندي ته هاڻي سنڌ جي اهم مفادن جي ڪابه ڳالهه ڪانه رهي آهي، پاڻ جناح صاحب جي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ کيس ورندي ڏني ته آئون انهيءَ معاملي تي ٻن سالن کان غور ڪري رهيو آهيان، گذريل ملاقاتن کان وٺي جڏهن توهان جدا ٿيڻ جو اشارو ڏنو هو، مون انهيءَ مسئلي تي ويچاريو آهي ۽ آئون ان راءِ تي پهتو آهيان ته صوبائي ڪائونسل جي فيصلي جو انحراف نٿو ڪري سگهان. منهنجي پهرين جوابداري صوبي جي جماعت آهي ۽ ساڳئي وقت پارليامينٽ جي يڪ طرفي بورڊ جي جانبدار فيصلي کي مڃڻ مشڪل آهي. ان کان پوءِ جناح صاحب سائين جي ايم سيد کي آخري ڀيرو مرڪزي هاءِ ڪمانڊ جي چونڊيل نمائندن جي لسٽ ڏياري موڪلي، جنهن جي قبولڻ کان سيد صاحب انڪار ڪيو. ان لسٽ ۾ سائين جي ايم سيد جي ترقي پسند گروپ جي چئني ميمبرن جا اسيمبلي ٽڪيٽ مرڪزي مسلم ليگ رد ڪيا هئا ۽ رڳو سندس پنهنجي ٽڪيٽ قائم رکي هئي. پنهنجي مليل ٽڪيٽ تان هٿ کڻندي سائين جي ايم سيد آل انڊيا ورڪنگ ڪميٽي ۽ ڪميٽي آف ايڪشن تان استعيفيٰ ڏني ۽ اهڙو بيان 26 ڊسمبر 1945ع تي اخبارن کي جاري ڪيائون. ان وچ ۾ مسلم ليگ جي ڪيترن ئي ليڊرن ٺاهه جون ڪوششون ڪيون، پر اهي سڀ ناڪام ويون ۽ سڀني ڌرين اها ڳالهه مڃي ورتي ته سيد جو ترقي پسند گروپ حق تي هو ۽ مرڪز هنن سان زيادتي ڪئي آهي. جناح صاحب بضد هو ۽ سيد سان ڪوبه شرط يا گفتگو نٿي ڪرڻ گهريائين ۽ چاهيائين ٿي ته سيد کي مرڪزي ليگ جي ضابطي ۽ فيصلي جي انحرافي ڪرڻ تي مون کان معافي وٺڻ گهرجي. تنهن کانپوءِ سندس بحال ڪرڻ جي سوال تي غور ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هن کهڙي صاحب جي تار ملڻ کانپوءِ ڪيو. سائين جي ايم سيد ان وقت پنهنجي مؤقف تي اٽل رهندي، اهو فيصلو ڪيو ته هڪ اهل حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش کي ڏوهه نٿو چئي سگهي: منهنجي مسلم ليگ مان مون کي بدناميءَ ۽ سختيءَ جي طريقن سان هٽائي نٿو سگهجي. منهنجو ضمير صاف آهي، آئون ڪڏهن به سنڌ ۽ ان جي عوام جي ڀلائيءَ ۽ ان جي خدمت کان نه گسندس….مون کي زبردستيءَ ۽ دڙڪن سان حق جي رستي تان ڦيرائي نٿو سگهجي. اهڙي صورتحال کان پوءِ مسلم ليگ مرڪز کان پير علي محمد راشديءَ پڻ بغاوت ڪئي ۽ بيان جاري ڪيو ته منهنجو پاڪستان جي ٺهراءَ سان فقط هڪ حادثاتي واسطو هو. سنڌ ۾ اهو سڀ ڪجهه موجود آهي، جيڪو اسان کي گهرجي ٿو….جناح جي پاڪستان جو نعرو سنڌ کي سندس موروثي فائدن ۽ وسيلن کان محروم ڪري ڇڏيندو. سائين جي ايم سيد طرفان بيهاريل مسلم ليگ جي مرڪزي آئين ساز اسيمبليءَ ۾ پير علي محمد شاهه راشدي ۽ يوسف هارون ڪاميابي حاصل ڪئي. سائين جي ايم سيد اها ڳالهه هاڻي چڱيءَ طرح سمجهي چڪو هو ته پاڪستان غريب عوام لاءِ نه بلڪه جاگيردارن، وڏيرن، پيرن ۽ ميرن لاءِ آهي ۽ چيائين ته ننڍن صوبن تي وڏا صوبا پنهنجي ناپاڪ حڪومت هلائي رهيا آهن. يوسف هارون جنهن سائينءَ جي حمايت سان مرڪز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، مرڪز جي بچاءُ ۾ الزام لڳائيندي چيو ته جي ايم سيد هندو سرمائيدارن جو آواز بڻجي پيو آهي. ۽ لياقت علي خان به هن موقعي تي چيو ته سيد سازش هيٺ مسلم ليگ کي خنجر هنيو آهي. اهڙيءَ طرح ڪميٽي آف ايڪشن سائين جي ايم سيد کي مسلم ليگ جي تنظيم تان قائدن ۽ قانونن جي خلاف ورزيءَ جو الزام هڻندي 4 جنوري 1946ع تي اعلان ڪندي هٽائي ڇڏيو. جڏهن ته جي ايم سيد مسلم ليگ تان اڳ ۾ ئي استعيفيٰ ڏئي چڪو هو. هي جناح طرفان هڪ رسمي ڪارروائي هئي. هن اعلان کان پوءِ سنڌ جي مسلم ليگ جي واڳ عارضي طور محمد هاشم گذدر کي ڏني وئي. سنڌ ۾ جي ايم سيد لاءِ هڪ الڳ ۽ نئين سياسي صورتحال هئي. 21 جنوري 1946ع ۾ اليڪشن لاءِ مرڪز طرفان نامزد ڪيل سنڌ مسلم ليگ جي اميدوارن جي مقابلي ۾ سيد صاحب 16 اميدوار مسلمان قومپرست سڃاڻپ سان بيهاريا، جنهن جو اڳواڻ مولا بخش سومرو هو. مسلم ليگ وارن سيد گروپ جي خلاف مذهبي پروپيگنڊا شروع ڪئي ۽ غريب عوام کي مذهبي نعرن وسيلي ڀڙڪائي جذباتي ڪيو. ساڳئي وقت انگريزن جي حمايت مسلم ليگي ٽولي سان هئڻ سبب سيد جا ساٿي گهڻيون سيٽون نه کڻي سگهيا. هن کان پوءِ 27 اميدوارن جي ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ 8 فيبروري 1946ع تي مسلم ليگ حڪومت ٺاهي ۽ انگريزن جي منظورِ نظر ساڳئي غلام حسين کي وزيراعظم بڻايو، جيڪو سيد جو سياسي مخالف هو. سائين جي ايم سيد مسلم ليگ جي ٺهندڙ حڪومت کي ڏسندي ڪانگريس سان، جنهن جا 21 ميمبر اسيمبليءَ ۾ هئا ۽ ٻين ميمبرن کي اپيل ڪندي گڏيل پارٽي ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ غلام حسين خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ آندائين، جيڪا هڪ ووٽ تان ناڪام ٿي ۽ ٻئي ڏينهن تي مير بنده علي مسلم ليگ جي وزارت خلاف بيان ڏنو. اهڙيءَ طرح ووٽ برابر ٿيڻ بعد ڪَتر جي رٿ ذريعي غلام حسين کي شڪست آئي ۽ سنڌ جي گورنر سر موڊيءَ جي مداخلت سبب ان وقت جي وزارت کي ڊهڻ کان بچائيندي، مير بنده عليءَ کي وزير بڻايو ويو. اهو ياد رهي ته مسلم ليگ جي قاعدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ مير بنده عليءَ کي مسلم ليگ وزارت ڏني ۽ ٻئي پاسي اُصول پرست گروپ کي ناانصافين خلاف احتجاج ڪرڻ تي ليگ کان ٻاهر ڪڍيو ويو. 24 مارچ 1946ع تي برطانوي سرڪار جي ڪئبينيٽ مشن دهليءَ ۾ پهتي، سندس مقصد هندستان کي آزادي ڪيئن ڏجي هو. سيد صاحب کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ گڏيل پارٽيءَ جي مخالف اڳواڻ جي حيثيت سان 2 اپريل 1946ع تي دهليءَ ۾ گهرايو ويو هو. جي ايم سيد ان مشن اڳيان هندستان جي هر هڪ رياست لاءِ حق خود ارادي ۽ مڪمل خود مختياريءَ جي گهُر ڪئي. ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ان وقت جي اخبار سنڌ آبزرور موجب جي ايم سيد برطانيه جي ڪئبينيٽ مشن کي اهو آگاهه ڪيو ته هن هڪ ”سنڌي پاڪستان“ ٺاهڻ ٿي گهريو، پر مسلم ليگ جي جاگيردارن، وڏيرن ۽ پيرن جي سحر مان صاف صاف نڪري اچڻ کانپوءِ هن پنهنجي گهُر کي بدلايو آهي. هاڻي هو ۽ سندس گروپ پاڪستان بدران آزاد سنڌ چاهي ٿو. ان ڳالهه جو حوالو ڏيندي جي ايم سيد 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ جيڪا قرارداد پيش ڪئي هئي، ان موجب پاڪستان آزاد قومي رياستن جي يونين طور قائم ڪيو وڃي، جنهن ۾ سنڌ به آزاد اڪائيءَ طور شامل هجي. هاڻي اِتي هڪ اهم سوال پڇي سگهجي ٿو ته صوبا بشمولِ سنڌ خود مختياري ۽ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ ڪيئن ناڪام رهيا! حقيقت ۾ اُن وقت جي سنڌي قومپرست قيادت انگريز ۽ انهن جي مسلم ليگي ڇاڙتن جي ڄار ۾ پوريءَ ريت ڦاسي چڪي هئي. برطانوي سامراج اقتدار کي ورهايو ۽ راڄ ڪريو واريءَ چال کي سياست ۾ استعمال ڪيو. هندستان ۽ پاڪستان جي نالي ۾ آزاديءَ وٺندڙ ٻنهي ڌرين- ڪانگريس ۽ مسلم ليگ مشن اڳيان دعويٰ ڪئي ته حڪومتِ برطانيه جي سڄي ساک رهجي ايندي. ان کان پوءِ لارڊ مائونٽ بيٽن سڄو وقت صوبن ۽ ڏيهي رياستن کي فقط هندستان يا پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. جيستائين سنڌ جي آزاديءَ جو سوال هو ته انگريزن اهو هرگز نٿي چاهيو ته بندرگاهه وارو شهر ڪراچي، جيڪو سوئيز ڪئنال کان آسٽريليا جي وچ ۾ رابطي لاءِ نهايت ضروري منزل تي هو، اهو جي ايم سيد جهڙي انگريز دشمن ۽ زورآور شخصيت جي هٿن ۾ وڃي. اهڙيءَ ريت جي ايم سيد، ڪئبينيٽ مشن اڳيان صوبن جي حقِ خود ارادي ۽ خود مختياري ڏيڻ جي گهُر ڪري، پاڻ کي سنڌ جو سچو سپوت ثابت ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو