سنڌ رينجرز جو پاڪ فوج ۽ پوليس سان گڏيل فليگ مارچ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ صوبي ۾ رينجرز پاران پاڪ فوج ۽ پوليس سان گڏجي فليگ مارچ ڪيو ويو.سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب سکر سٽي، ايئرپورٽ، سائيٽ ايريا، نئون پنڊ، تماچندي، خيرپور، راڻي پور، گمبٽ، سبوديرو، ڪنگري، گهوٽڪي، اوٻاوڙو، ڍاري، قادرپور، شڪارپور ۽ خانپور ۾ فليگ مارچ ڪيو ويو. اهڙي طرح سنڌ جي شهرن جيڪب آباد، جهانپور، ڳڙهي خيرو، قمبر، شهداد ڪوٽ، قمبر، ميرو خان، وگهنار، وارڊن، نصيرآباد، ڪشمورستي، بخشاپور، بڊاڻي، مياڻي، سانگهڙ سٽي، موهن جي دڙي، چاڪر چوڪ، ڪالا باغ ۾ پرچمن جو جهنڊو لڳل آهي. چوراڪ، اسڪرنڊ روڊ، نيشنل هاءِ وي، قاضي احمد، دولت پور، شهدادپور ۽ ٽنڊي آدم ۾ به مارچ ڪيا ويا.رينجرز ترجمان موجب 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن جي حوالي سان سڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو پيو وڃي، فليگ مارچ دوران شهر جي حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن سميت ٻين پولنگ اسٽيشنن جو دورو پڻ ڪيو ويو.سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب فليگ مارچ ۾ رينجرز جي موٽرسائيڪل اسڪواڊ ۽ نياز فورس جي جوانن پڻ شرڪت ڪئي.ٻئي طرف ڊي جي رينجرز ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ امن امان جي فضا برقرار رکڻ لاءِ سخت حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو