سنڌ جي 3 بيمار قلمڪارن جو سرڪاري خرچ تي علاج جو اعلان

حيدرآباد( پ ر) سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي ثقافت کاتي جي صوبائي سيڪريٽري نامياري اديب ۽ نقاد اڪبر لغاري  سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري  بيمار اديبن ۽ شاعرن جي علاج ڪرئڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ثقافت کاتي جي سيڪريٽري بيمار اديبن، شاعرن، سنڌي ادبي سنگت پريالوءِ، شھدادڪوٽ ۽ سڪرنڊ جي اڳواڻن ڪاظم بڙدي، ضمير کرل ۽ ماڻڪ ملاح جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪندي اسپتالن ۾ داخل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. سيڪريٽري ڪلچر بيمار اديبن ڪاظم بڙدي، ضمير کرل ۽ ماڻڪ ملاح سان فون تي ڳاله ٻولهه به ڪئي ۽ کين فيصلي کان آگاهه ڪيو. جڏھن ته ڪراچي جي ميمڻ ڳوٺ ۾ الطبري ميڊيڪل هاسپيٽل ۾ داخل شاعرضمير کرل جي بيماري دوران سمورو خرچ اسپتال کي ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو. جڏھن ته ڪاظم بڙدي جو سومر کان آغا خان ھاسپيٽل ڪراچي مان ثقافت کاتي جي خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.  ٻئي طرف سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي عھديدارن سيڪريٽري جنرل احمد  سولنگي، ايوب کوسي ، پريم پتافي، بخشل باغي ۽ آزاد انور ڪانڌڙي گڏيل بيان ۾ ثقافت کاتي جي  صوبائي وزير سيد سردار شاھ  ۽ سيڪريٽري اڪبر لغاري جا ٿورا مڃيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو