سنڌ جي مزدورن لاءِ بينظير ڀٽو ليبر ڪارڊ سڀاڻي کان جاري ٿيندو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ مزدورن لاءِ بينظير ڀٽو ليبر ڪارڊ جو سڀاڻي کان جاري ٿيندو، پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بينظير ڀٽو ليبر ڪارڊ جو افتتاح ڪندو. بينظير ڀٽو ليبر ڪارڊ هاڻي هر قسم جا مزدور حاصل ڪري سگهندا. روزاني اجرت تي ڪم ڪرڻ وارا مزدور، مستري ، گهريلو ملازم به پاڻ کي رجسٽر ڪرائي سگهندا. ريڙهو هلائيندڙ، بس ڊرائيور، ڪنڊڪٽر ۽ گڏه گاڏو هلائيندڙ به ڪارڊ حاصل ڪري سگهندا. مزدور مزدور ۽ افرادي قوت واري کاتي ۾ رجسٽر ڪري ڪارڊ حاصل ڪري سگھن ٿا. مزدور پاڻ کي محنت ۽ افرادي قوت واري کاتي ۾ پاڻ کي رجسٽر ڪرائي ڪارڊ حاصل ڪري سگھن ٿا. ڪارڊ ۾ مزدورن ۽ سندن گهرڀاتين کي مفت طبي سهولتون ڏنيون وينديون، ڪارڊ رکندڙن جو اولاد مفت تعليم حاصل ڪندو. حادثاتي موت جي صورت ۾ مزدور جي وارثن کي معاوضو ڏنو ويندو. زخمي ۽ بيمار مزدورن جو مفت علاج ٿيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو